ليکڪ: شفيق منگي
ليکڪ: اسلامي مهينن جي حوالي سان ٽيون مهينو ”ربيع الاول“ جو مهينو آهي. ربيع جي لفظي معنى آهي بهار، ۽ اول جي معنى آهي پهرين. هن لفظ جي گڏيل معنى ٿيندي ”پهرين بهار“ هن مهيني جي نالي رکڻ جو سبب اهو آهي ته جڏهن ان جو نالو رکيو پئي ويو ته تڏهن بهار جي موسم هئي.علامه غياث الدين لکيو آهي ته جڏهن هن مهيني جو نالو رکيو پئي ويو ته تڏهن بهار جي موسم هئي. پر اسان مصطفى ڪريم صه جي سچن شيدائين وٽ انهن ظاهري عارضي بهارن کان نظر ڦيرائيندي هڪ ٻي حقيقي بهار آهي، جنهن جي صدقي ربيع الاول مهيني کي وڏي اهميت ۽ عزت ملي آهي، ۽ اها بهار اُها آهي جنهن سان هستيءَ جي گلزار ۾ رونق آئي، عدالت ۽ شجاعت جنهن جو مرڪندي استقبال ڪيو، ۽ سچ ۽ امانت جون شمعون ان کي ڏسي وڌيڪ چمڪڻ لڳيون، مجوسين جا آتشڪنده وسامي ويا، ايوان ڪسريٰ ۾ ڏار پئجي ويا، روم جي عظمت، فلسطين جي شوڪت مصر ۽ عجم جي شان ۽ مان ۾ زلزلو اچي ويو، بت خانن ۾ ماتم جي ڪيفيت ٿي وئي،يهودين جو اتحاد ۽ نصرانيت جي ٻڌي ٽٽي ٽڪرا ٿي وئي، اها بهار ٻنهي جھانن جي تاجدار ڪون و مڪان جي سردار، لامڪان جي سياح، حسن ۽ جمال جي بي مثال مصدر، ڪمالات جي مخزن، تجليات جي منبع انوار جي مطلع، يتيمن جي ماوى محتاجن جي ملجا، سيده آمنه جي لال، حضرت محمد مصطفى صه جي آمد جي بهار آهي، جيئن ته هن پياري ربيع الاول مهيني جي 12هين تاريخ جي اچڻ سان ئي تمام عاشقانِ رسول صه جي دلين ۾ هڪ نئين بهار (خوشي ۽ مسرت) پيدا ٿي ويندي آهي.ان خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ جي لاءِ هر مسجد، هر ڳوٺ، هر وسندي، هر واهڻ، هر گلي ۽ گھرن ۾ ميلاد مصطفى صه جون ڪانفرنسون ۽ ،محفلون سجايو وينديو آهن، حضور اڪرم صه جي تعليمات کي بيان ڪيو ويندو آهي، سندس حسن اخلاق کي بيان ڪيو ويندو آهي، سندس ذات تي درود ۽ سلام جو نظرانو پيش ڪيو ويندو آهي، نعتون ۽ مولود شريف پڙهيا ويندا آهن،سندن دؤر کي بيان ڪيو ويندو آهي، سندن انسان ذات سان محبت کي بيان ڪيو ويندو آهي، سندن حالتن (زندگي مبارڪ) کي بيان ڪيو ويندو آهي. محبوب ڪريم صه جي يوم ولادت باسعادت تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ، محفل ميلاد ڪرڻ ۽ جشن ملهائڻ هڪ مؤمن ٻانهي جي لاءِ وڏي سعادت ۽ خوش نصيبي آهي، جنهن کي تاريخ پڻ بيان ڪيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته هن دنيا ۾ لکين ڪروڙين اربين کربين انسان پيدا ٿيا آهن ۽ اڳتي به پيدا ٿيندا رهندا تا قيامت تائين، پر اسان جي پياري پيغمبر صه جن جھڙي شخصيت جھڙو مثال دنيا ۾ ملڻ محال آهي. هن عظيم پيغمبر صه انسان ذات کي ظلم ۽ اونداهيءَ مان ڪڍي عدل ۽ روشنيءَ جي راهه ڏي آندو ۽ انسان ذات کي ڀائيچاري، محبت، محنت ۽ خدا ترسي جي اهڙي راهه ڏيکاري جو جيڪو به ان راهه تي هليو اهو ڪامياب بڻجي وڃي ٿو. ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته دنيا ۾ حضور اڪرم صه مخلوق سان پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو، انسانن ته ڇا پر جانورن جا به حق ٻڌايا. ۽ انهيءَ حسن سلوڪ جو سبق سڄي ڪائنات وارن جي لاءِ راههِ هدايت جو سبب بڻجي ويو. ربيع الاول مهيني جي 23 تاريخ 1 هجريءَ ۾ جمعي جي نماز ۾ خطبي جو حڪم نازل ٿيو.حضور نبي ڪريم صه جي ولادت ۽ بعثتِ مبارڪ انسان ذات جي لاءِ الله تعالى جو وڏو عظيم احسان آهي، سندن آمد مبارڪ سان غلامن، ڪمزورن، مظلومن، ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي به حق مليا. ان سال الله تعالى پوري عرب جي عورتن کي پٽن جي اولاد سان نوازيو، مڪي پاڪ يا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به ڪنهن عورت کي ٻار ڄائو سي سڀ پٽ پيدا ٿيا، مون ڪنهن ڪتاب ۾ هڪ ڳالهه پڙهي هئي ته حضرت عبدالرحيم رحمة الله عليه هر سال وڏي اهتمام سان ميلاد شريف ڪندو هو ۽ اهو پنهنجي پاڙيسرين کي دعوت ڏيندو هو، هڪ دفعي سندس مسڪيني حال ٿي ويو ۽ گھر ۾ به ڪجھه موجود نه هو جو جو ميلاد شريف ملهائي، پوءِ پاڻ ڀڳڙا وٺي اهي الله جي رسول صه جي ميلاد شريف جي خوشيءَ ۾ ورهايائون، پر پاڻ پنهنجي دل ۾ سوچيائون پئي ته اهو غريباڻو ميلاد شريف قبول پيو الائي نه؟ ان رات پاڻ خواب ۾ ڏٺائون ته سرڪار مدينه صه جي بارگاهه مبارڪ (محفل) لڳي پئي آهي، ۽ ان ۾ پاڻ به ويٺا آهن ۽ سندن سامهون اها ڀڳڙن جي ڳنڍ به موجود آهي، پاڻ مسڪرائي فرمائين ٿا ته غم نه ڪر، تنهنجي ڀڳڙن جي ڳنڍ اسان جي بارگاهه ۾ پهتي آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪيو آهي. ميلاد شريف ڪرڻ وارن کي ان جي برڪت جي خبر هوندي ته ميلاد شريف ڪرڻ ۾ ڪيڏي برڪت ۽ خوشي آهي، الله تعالى کان دعا آهي ته اسان سڀني مسلمانن کي پنهنجي حبيب جي سچي پڪي محبت عطا فرمائي ۽ ان جي ڏنل تعليمات تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.