ليکڪ: رياض ابڙو
تازو طالبان ۽ چين جي متبادل منصوبن جي ڪري آمريڪين جي ننڊ ڦٽل آهي، سي پيڪ جي لسٽ ۾ جنهن اسپيڊ ۽ جذبي تحت چين پنهنجا نوان منصوبا شامل ڪندو ٿو وڃي ان رفتار سان آمريڪي به ري ايڪٽ ڪندا ٿا وڃن، اها به واضح صورتحال آهي ته چين پنهنجو وڻج واپار سمنڊ ذريعي هلائيندو ٿو رهي، وچ ايشيائي ملڪن کان سنڌي سمنڊ وري هندي سمنڊ کان ڦرندو بي آف بنگال کان ٿيندو جهاز مس وڃي چين جي اوڀر وارن شهرن ۾ لنگر ٿا ڪن، جنهن جي ڪري چين جو هڪ حصو مشڪل سان فائدو وٺي ٿو، ۽ ايغور، زيانگ يانگ ۽ اولهه چين وارا ٻيا شهر ايترا ڳتيل آبادي وارا ناهن يا صفا آباديءَ وارا ئي ناهن ان ڪري سي پيڪ جتي اولهه چين جي شهرن جي رونق، پاپوليشن، صنعتن، اقتصاديات ۽ ماديات تي اثر ڪندو، اوترو چين وري ترقيءَ جي راهن ۾ وڌندو ۽ جيترو سفر اوڀر کان اولهه چين تائين انهن جون مالبردار گاڏيون ڪن ٿيون اوترو يا نا کان به گهٽ سي پيڪ جي رستي گوادر کان يا هاڻي ڪي پي ٽيءَ کان اولهه چين تائين ڪنديون، ان ڪري سي پيڪ اسان کي ڪجهه ڏيندو يا نه پر چين جي اقتصادي حالت کي اڳ کان اڳرو ڪري ڇڏيندو، چائينا پهرين جيڪي اسان جا ادارا ۽ اڏا ليز تي وٺي ڇڏيا آهن يا اڃان به وٺي ٿو، جيئن هاڻي ڪراچي شهر جا سامونڊي پورٽ جنهن کي چين 3.5 بلين ڊالر يعني تقريبن 50 بلين رپين عيوض ليز تي ورتو آهي ۽ هڪ نعم البدل تحت استعمال ڪندو، ۽ هتي به چين سڌي سنئين سيڙپ ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪو به قرض نه هوندو، معنيٰ اڳ جيئن هنن 50 ارب ڊالر گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جي ٻين منصوبن ۾ سيڙايا هئا، تيئن ئي هاڻي چين صنعتن ۾ به سيڙپ ڪندو جن ۾ قرض نه هوندو، پر ائين انهن کي ليز تي خريد ڪندو ويندو جيئن هنن ان کان اڳ گوادر پورٽ، موٽرويز ۽ هاڻي ڪي پي ٽي خريد ڪئي آهي، ان ڳالهه جو الٽرنيٽ آمريڪا وٽ ناهي ته آمريڪا به اهڙي طرح ڪا سيڙپ ڪري ڏيکاري، پر ان جي ابتڙ آمريڪا وٽ رڳو اهو هٿيار آهي ته اهي انتشار ڦهلائين ۽ جيستائين چين جا منصوبا ويندا اڳتي وڌندا، چين ويندو اقتصادي ۽ معاشي ترقي ڪندو، ۽ ان ڳالهه ۾ آمريڪي اسٽريٽجي غلط آهي، ڇو ته هنن جون جنگيون، سول وارز ۽ سي آءِ اي جون حرفتون کٽن ئي نه ٿيون، پر چين جي امداد ۽ انهن جو ونڊ رڳو سيڙپڪاري آهي، اها ڳالهه به مڃڻ جهڙي آهي ته انگريزي ڳالهائڻ وارا دنيا جي آباديءَ جو مشڪل سان 8 سيڪڙو مس آهن، جن ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا ۽ ڪجهه ٻيا سنها ٿلها ملڪ اچي وڃن ٿا پر دنيا جا ٻيا غير انگريز 70 ملڪ به پنهنجي سرڪاري ٻولي انگريزي کي مڃن ٿا يا پنهنجا سرڪاري دفتر هلائن ٿا ۽ انهن اهڙن غير انگريز ملڪن جا تعليمي اسٽينڊرڊ به انگريزي ٻوليءِ تي بنياد ٿا رکن، ان ڪري انگريز دنيا جي 92 سيڪڙو آباديءَ تي آسانيءَ سان ڪنٽرول به ڪيون ويٺا آهن ۽ سڄي دنيا جي رابطي جي ٻولي انگريزي آهي، وري اهڙا ملڪ جيڪي غير انگريز آهن جن ۾ جرمن، فرانس، اٽلي، چين، روس، 26 عرب ملڪ، ننڍو کنڊ، يا سائوٿ ايشيا جا ملڪ ۽ اهڙا غريب ملڪ هنن جي امداد تي پلبا به رهن ٿا پر انهن جو سهارو وري هن دور ۾ روس، چين يا يورپ جا اوڀر وارا ملڪ ناهن، ان ڪري اهڙن ملڪن کي آمريڪا پنهنجي ضابطي تحت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان امدادن جا ٺٺ به ڪرائي ٿو ته جيئن اهي معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان دٻيل به هجن ۽ انهن کي اهڙيءَ ريت ڦاسايو ويٺو هجي، ته پوءِ اهي غريب ۽ لاچار ملڪ اهڙي حالت ۾ ڇا ڪن ۽ ڪري سگهندا؟، اها به حقيقت آهي ته سي پيڪ ۾ آهستي آهستي سڄي ساحلي پٽي چائينا ڏي هلي ويندي، گوادر کان بن قاسم پورٽ تائين، هنن ته ڪراچي سرڪيولر ٽرين به سي پيڪ کي ڏئي ڇڏي آهي، اهو به واضع آهي ته سي پيڪ ۾ جيڪي به منصوبا ايندا ويندا اهي ليز تي هوندا ۽ انهن جي ڪمائي چائينا کڻندو، نه ڪي ڪو اهو پاڪستان کي قرض جي زمري ۾ ڏئي ڇڏيندا (جيئن آءِ ايم ايف، ورلڊ بئينڪ ۽ وائيٽ هائوس جا حڪمران ڪندا ايندا آهن) پوءِ انٽرنيشنلي انهن ادارن، اڏن ۽ بحري پورٽن تي جيڪڏهن غلطي سان به آمريڪي هٿ چراند ٿي ته اها هٿ چراند چين سان ليکي ويندي، پر ان جي ابتڙ اسان قومن جي بقاءَ جو سوال رهجي ويندو ته جي اهي ادارا، اڏا، بحري پورٽ، ريلوي ٽريڪ يا گرين بسن جهڙا پروجيڪٽ به غير ملڪين (چين) جي هٿ هوندا ته پوءِ اسان وٽ حاڪميت جو هٿ رڳو مٽبو ۽ اسان اهي ئي نوڪري ڪرڻ وارا رهجي وينداسين جيڪو وري ملڪ جي اثاثن جي ڦرجي وڃڻ جو سوال به اٿاريندو، ڳالهه اها به چٽي آهي ته اسان جي راهگيري به ڪنهن ڪم جي نه هوندي، ڇو ته اهي سڀ فيڪٽريون، صنعتون، اقتصادي ڳڻپ شماري ۽ ليکا چوکا اسان جي حصي ۾ نه هوندا، اسان ته ناڪا چنگي وٺڻ جهڙا به نه هونداسين، رڳو راهگيري، چوڪيداري ۽ نوڪري ڪرڻ ئي نصيب هوندو، 640 هيڪٽرن يا 1581 ايڪڙن جي ڪي پي ٽي واري سرڪاري زمين سي پيڪ جي بهاني چين کي ليز تي ڏني وئي آهي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن احتجاج ٻيٽن تي ٺهي ٿو ته احتجاج ته ڪي پي ٽي ۽ سڄي ساحلي پٽيءَ تي به روا هئو، ڳالهه جڏهن چائينا ۽ آمريڪا جي انٽريسٽ جي ٿي اچي ته اسان وائڙا ٿي ٿا وڃون، پوءِ حڪمرانن جي مرضي آهي ته اهي اسلام آباد ۾ ويهي سودا طئي ڪن يا صدارتي آرڊيننس هلائين ۽ پوءِ ادارا خانگائڻ کانپوءِ اسان جي ماڻهن کي نوڪري ته نه ٿي ملي، ۽ نه ئي ملٽاءِ نيشنل ادارن ۾ ڪا جاءِ آهي، ۽ اهو به آهي ته سي پيڪ ۾ پنجاب جا ادارا، ۽ ڪي پي جا ادارا ليز تي نه ٿا ورتا وڃن سي پيڪ ۾ ڪراچي جي ساحلي پٽي شامل ٿيڻ سان چين اتي وڏي سيڙپڪاري ڪندو، سمنڊ کي سون ڪري ڇڏيندو پر ليز تي وڃڻ جي ڪري، ۽ سي پيڪ جي منصوبن ۾ جيڪي پٽي ڪراچي شهر جي هوندي ان ۾ آيل منصوبا ڇهن سالن ۾ پورا ٿيندا، ۽ ان پروجيڪٽ جي ڪري مڇرڪالوني جون 20 کان 25 هزار فيمليون دربدر ٿينديون يا جن کي به وري لياري ايڪسپريس وي وانگي وري ناردرن باءِ پاس يا اهڙي ڪنهن سرڪاري زمين تي پلاٽ آڇيندا، اها ٻي ڳالهه آ ڪوسٽل پٽي تي ترقي ٿيندي، جنهن ۾ چائنا جا سيڙپڪار، صنعتڪار ۽ پاڙيسري ملڪن جا سيڙپڪار پئيسو به سيڙائيندا، ۽ ڪراچيءَ کي الٽراماڊرن سٽيءَ ۾ تبديل ڪندا، سمنڊ ڪناري هاءِ رائيز بلڊنگيون کڙيون ڪندا، وڏو وڻج واپار هلائيندا، فشريز کاتي کي نئين زندگي بخشيندا، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون کي ترقي ڏيندا، ايڪو سسٽم بهتر ڪندا، جو لياريءَ ندي وٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلان هڻندا جيڪو فيڪٽرين مان گدلو، بيڪار ۽ زهريلو پاڻي صاف ڪري وري استعمال لائق بڻائيندو ۽ ان پاڻيءَ کي جيئن جو تيئن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ نه ڏيندا ۽ ساحلي پٽيءَ کي روڊن رستن ۽ پلين ذريعي وري سڄي شهر سان ڳنڍيندا، وري منهوڙي ۽ سينڊس پٽِ کي برج ذريعي شهر سان ڳنڍي ڇڏيندا، جنهن سان ساحلي پٽي جي ترقي کي چار چنڊ لڳي ويندا، پر اسان جو اسٽيڪ ڇا هوندو؟ وڏو سوال ته اهوآهي.