127

تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ جنسي زيادتين جا واقعا ڪير روڪيندو؟

ليکڪ: زبير احمد ڪلوڙ

سنڌ اندر نياڻين کي اسڪولن ۾ حراسان ڪرڻ وارو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي، تازو ھڪ واقعو ڪشمور جي ھڪ نجي اسڪول ۾ پيش آيو جتي  11 سالن جي نياڻي کي ھڪ درندو صفت استاد بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندو رھيو، ۽ معصوم نياڻي درندي جو نشانو بڻجندي رھي، ميڊيارپورٽن مطابق ڪشمور جي نجي اسڪول جي استاد طيب ملڪ ساڳئي ئي اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 11 سالن جي نياڻي فاطمه کي ڇهن مهينن کان دوستي لاءِ بليڪ ميل ڪندو رهيو، دوستي نه رکڻ تي فوٽو فيس بڪ تي وائرل جي ڌمڪي ڏئي ٻارڙي  کي بليڪ ميل ڪري معصوم نياڻي هٿان گهر ڀاتين کي ماني ۾ نشو ڏياري ملڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، ننڍن ٻارڙن کي نشو اچڻ ڪري طبيعت تمام خراب ٿي وئي جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو بعد ۾ والدين ٻارڙي کان سختي سان پڇا ڳاڇا ڪئي ته نينگري سڄي حقيقت پنهنجي گھر ڀاتين کي ٻڌائي ڇڏي، جنهن بعد وارثن ڪشمور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ، پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار استاد طيب ملڪ کي گرفتار  ته ڪري ورتو پر پوليس جي ڄڻ ته عيد ٿي وئي، معصوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ بدران نينگري جي وارثن کان رشوت گھرڻ لڳا ۽ جوابدار طيب ملڪ کي ٿاڻي اندر مهمان وانگر ويهاري ڇڏيو ۽ جنهن موبائيل ذريعي ٻارڙي کي جنسي حراسان ڪري رهيو هو اها موبائل ريڪور نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس کي گھرجي ھا ته ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ھا ۽ ان واقعي ۾ جيڪو به ملوث آهي انهن سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ھا، پر ائين نه ٿيو ان جي ابتڙ ٿيو، متاثر نينگري جي وارثن کي پوليس ڪوڙا دلاسا ڏئي روز ٿاڻي جا چڪر ڪٽرائڻ لڳي، پوليس جوابدار مٿان ڪيس داخل نه ڪيو پر ويتر معصوم نينگري جي وارثن کي حراسان ڪرڻ لڳي ۽ راڄوڻي ڪرڻ تي زور ڀريندي رھي، ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او وحشي طيب جي وارثن کان ڳري رشوت وٺي ونگار وھڻ لڳو، جڏهن ته معصوم نينگري جا گھر ڀاتي نشي جي حالت ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ھئا پر هن ٽائيم تائين ميڊيڪل ليٽر نه ڏنو ويو آهي، واقعي کي هفتي کان وڌيڪ  وقت ٿي ويو آهي، پر ڪشمور پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران وڏيرن جي ونگار وهندي جوابدار خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سوشل ميڊيا تي نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پوسٽون رکندڙ سوشل ورڪرن ۽ صحافين کي استاد جي واٺن جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن ۽ پوسٽون ڊليٽ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي،ڇا عليشا ۽ زينب وانگر فاطما کي انصاف ملندو؟ ڇا جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پھچندو؟ ڇا نجي تعليمي ادارن جا مالڪ اھڙن اوباشن کي پنهنجي اسڪولن ۾ جاءِ ڏيڻ بند ڪندا؟ ڇا پيغمبري پيشي جي حفاظت ٿيندي؟ اھي سڀ سوال آھن جن جو جواب تڏهن ملندو جڏهن فاطمه کي انصاف ملندو جڏهن اسڪولن اندر اھڙن استادن کي ڀرتي ڪرڻ بند ڪيو ويندو جڏهن پيغمبري پيشي کي اھو مان، عزت ۽ رتبو ڏنو ويندو، ڪشمور واسين به اھو مطالبو ڪيو آهي ته فاطمه کي انصاف ڏنو وڃي، تعليمي درسگاھن ۾ نياڻين کي مرد استادن بدران  پڙهائڻ لاءِ عورت ٽيچر رکيون وڃن ته جيئن اسان جي معاشري ۾ سڌارو اچي سگهي ۽ معصوم نياڻين جون زندگيون تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن، ان واقعي تي وزير اعلي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، آئي جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، ھيومن رائيٽس وارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، چائلڊ پروٽيڪشن وارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، پر افسوس ڪنھن به سنڌ جي نياڻي لاءِ نوٽيس وٺي آواز اٿارڻ جي زحمت نه ڪئي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اھڙن وحشي صفت درندن خلاف سخت قانون جوڙيو وڃي ته جيئن اھڙن ڪڌو ڪم ڪندڙن کي وقت سر عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اھڙو قدم ڪو ٻيو نه کڻي، ھاڻي ڏسڻو ھي آھي ته  عليشا سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدار رفيق ملڪ ته پنهنجي منتقي انجام تائين پھتو ھو، ڇا طيب ملڪ کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو؟ جيڪڏهن  فاطما کي انصاف نه مليو ته پوءِ ڪشمور جي نياڻي جي تعليم تباهه ٿي ويندي ۽ ڪا به نياڻي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گھران ڪونه نڪرندي ۽ نه ئي پڙھڻ لاءِ تيار ھوندي، ڪو به والدين پنهنجي نياڻين کي گھران ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو ۽ ڪشمور يتيم ٿي ويندو،۽ نياڻين جي تعليم متاثر ٿي ويندي، جيڪو شعور ڪشمور جي عوام ۾ آيل آهي اھو ختم ٿي ويندو، خدارا اٿو پنهنجون اکيون کوليو نياڻين جون زندگيون بچايو،پنهنجي نياڻين جون زندگيون داءَ تي نه لڳايو، اڄ ھڪ فاطما سان ٿيو آهي، سڀاڻي اوهان جي نياڻي سان به ٿي سگهي ٿو،اوهان جي فاطما سان به ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن  اسين سڄاڳ نه ٿياسين ته سڀاڻي ڪا ٻي فاطما بگهڙن جي ھٿ چڙهي ويندي پوءِ اسين ھٿ تي ھٿ رکي ويھي تماشو ڏسنداسين، تماشائي نه ٿيو معاشري جو تماشو نه ڏسو دنيا وڃي ڪٿي پھتي آهي، دنيا ترقي پئي ڪري پر اسين اهڙن  وحشين مان ٻاهر اڃان نه  نڪري سگهيا آهيون ان واقعي تي استادن کي به اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي پيغمبري پيشي جي حفاظت ڪن، پيغمبري پيشي ۾ لڪل بگهڙکي ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ائين نه ٿي  ته جيڪا استاد کي عزت ۽ مان مرتبو ڏنو ويندو آهي اھو به ختم ٿي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو