121

سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ۽ سائبر ڪرائيم کان اڻ واقف ماڻهو!

ليکڪ: سڪندر بوزدار

پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا کي اخلاقي ضابطن هيٺ هلائڻ لاءِ ٻه ايڪٽ پاس ٿيل آهن، هڪ سائبر ڪرائيم ايڪٽ ٻيو اليڪٽرانس ايڪٽ، هر ٻيو ماڻهو پاڪستان اندر سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيو آهي، ڏينهون ڏينهن سوشل ميڊيا جي استعمال ڪندڙن جو انگ تمام گهڻو تيزي سان وڌي رهيو آهي، ننڍا ٻار توڙي وڏي عمر وارا ماڻهو به سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيا آهن پر انتهائي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سوشل ميڊيا جي استعمال سان گڏوگڏ سائبر ڪرائيم ۾ به تمام گهڻي واڌ ٿي رهي آهي. اسان وٽ عام طور تي ٿيندو ايئن آهي جو ماڻهو جذبات ۾ اچي سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي سان دشمنيون پاڙين ٿا ۽ اصل ۾ سوشل ميڊيا کي جنگ جو ميدان بڻايو ڇڏين، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال سبب اخلاقي ضابطن کي وساري ويهندا آهن ۽ ڪنهن کي به ڪمينٽس ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي ڇڏيندا يا ڌمڪيون ڏيندا آهن، يا وري بليڪ ميل ڪندا آهن، اهو سڀ قانون جي نظر ۾ ڏوهه آهي، جيڪو سائبر ڪرائيم جي ذمري ۾ اچي ٿو، اڪثر ماڻهو ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ سائبر ڪرائيم جا مرتڪب ٿيندا آهن، پر هنن کي اهو احساس ئي ناهي هوندو ته هنن کان ڪو ڏوهه ٿي رهيو آهي، ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ سائبر ڪرائيم جي متعلق ماڻهن کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي، يا وري جن کي ڄاڻ آهي اهي به ان قانوني ڄاڻ کان لاتعلقي وارو رويو اختيار ڪن ٿا، پر ڪجهه به هجي هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ هر فرد کي چاهي ان جي عمر ڪيتري به هجي ان کي ان جي قانونن جي باري ۾ پنهنجو پاڻ کي آگاهه رکڻو پوندو ۽ انهن قانونن تي عمل به ڪرڻو پوندو. نه ته ڪنهن به وقت توهان سائبر ڪرائيم ڪندي مجرم بڻجي سگهو ٿا، دنيا تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي اڪثر اسان وٽ چوندا آهن ته دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي دنيا واقعي ئي چنڊ تي وڃي رهڻ جون تياريون ڪري رهي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن جديد ٽيڪنالاجي متعارف ٿي رهي آهي، هر ننڍي وڏي موبائل ۾ هر روز جديد ايپليڪيشنز اچي رهيون آهن، جتي رابطن جي دنيا ۾ آساني پيدا ٿي رهي آهي اتي وري ڪاروبار به جديد ايپليڪيشن جي ذريعي ٿي رهيا آهن مطلب ته دنيا پراڻن طور طريقن کي ڇڏي نوان طور طريقا اختياري ڪري رهي آهي. ڇو ته هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ آسانيون ٿو پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، اهو سڀ آن لائين ايپس ذريعي ٿي رهيو آهي، پر ياد رهي ته هنن نون طور طريقن کي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪجهه قانون سازيون به ڪيون ويون آهن، انهن قانونن جي حدن ۾ رهي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ممڪن آهي، هتي اسان وٽ اڪثر ماڻهون دشمنيون پاڙڻ لاءِ فيڪ آئڊيون ٺاهي هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي پيا خوار ڪندا آهن، فيس بڪ، ٽوئيٽر يا واٽس ايپ وغيره تي پيا هڪ ٻئي کي گارگند ڪري تصويرن کي ايڊٽ ڪري جانورن سان پيا تشبيهه ڏيندا آهن، سنڌ ۾ ڪيترين ئي جاين تي موبائل فون جي غلط استعمال سبب جهيڙا به ٿيا آهن ۽ اخبارن ۾ رپورٽ به ٿيا آهن، ڪٿي ڪٿي ته ڳالهه وڃي خونريزي تائين به پهتي آهي، گهوٽڪي جو شهر جروار جيڪو قبائلي پس منظر رکي ٿو ان شهر ۾ ڪي ماڻهون فيڪ آئيڊيون ٺاهي عزت وارن ماڻهن جي عزت مجروح ڪن ٿا ۽ اخلاق کان ڪريل حرڪت ڪن ٿا، ۽ انهن فيڪ آئيڊين خلاف ڪيترائي ماڻهون آيف آءِ اي سکر وٽ شڪايتون درج ڪرائي آيا آهن، جن خلاف ڪا ڪاروائي به نه ٿي سگهي آهي نه ئي انهن جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي وئي آهي ايف آءِ اي سکر وٽ هزارين ڪيس پينڊنگ ۾ پيل آهن، ايف آءِ اي سکر کي سائبر ڪرائيم ڪندڙ ماڻهن خلاف تڪڙي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، فيڪ آئيڊين جي استعمال سبب قبائلي جهيڙا به ٿي سگهن ٿا، ايف آءِ اي سکر وارن کي شڪايت کڻي ايندڙن جي شڪايت جو جلد آزالو ڪرڻ گهرجي، سائبر جي دنيا ايتري ته وسيع آهي جو اسان ان جو اندازو به نٿا لڳائي سگهون، سائبر جي دنيا جا ماڻهو تمام وڏا ذهين ۽ شاطر هوندا آهن ماضي ۾ دنيا جون وڏي ۾ وڏيون ويب سائيٽون جهڙوڪ، سي اين اين ۽ ايمزون 13 سالن جي ڇوڪري هيڪ ڪري ورتيون هيون، ان کانپوءِ ئي سائبر ڪرائيم قانون سازي جي ضرورت پئي، سائبر ڪرائيم هڪ خلائي ڪرائيم هوندو آهي پاڪستان ۾ ان کي ايف آءِ اي ڊيل ڪندو آهي، سائبر ڪرائيم کي سمجهڻ لاءِ ان ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن جي سزا لاءِ پاڪستان جي هر صوبائي اسيمبلي اليڪٽرانڪس ايڪٽ 2017 ع متعارف ڪرايو آهي، ڪنهن به ماڻهو جو ليپ ٽاپ يا وري موبائل فون ان جي اجازت کانسواءِ استعمال ڪرڻ يا ان اندر محفوظ ڊيٽا تائين وڃڻ انتهائي وڏو ڏوهه آهي جنهن جي سزا 3 مهينا قيد يا 50 هزار ڏنڊ يا ٻئي سزائون به اچي سگهن ٿيون، ڪنهن جي به خلاف ڪا بد اخلاقي يا نفرت ڀري ڪا تقرير يا وڊيو ٺاهي وڃي ٿي ۽ ان کي شيئر ڪري مختلف هنڌن تي ڦهلايو وڃي ٿو يا ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي ته ان ڏوهه ۾ اهڙي شخص کي 8 سال سزا يا ڏنڊ ٿي سگهي ٿو، ڪنهن به ماڻهوءَ جي سڃاڻپ چورائڻ يا وري ڪنهن جو پروفائل کڻي فيڪ اڪائونٽ ٺاهي ان جو غلط استعمال ڪرڻ انتهائي سنگين ڏوهه آهي جنهن جي سزا 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي رقم پڻ آهي، يا ٻئي سزائون هڪ وقت اچي سگهن ٿيون، ڪنهن به ماڻهو جي تصوير کڻي ان کي ايڊٽ ڪري ميمز ٺاهي يا وري جانورن سان جوڙي شيئر ڪرڻ انتهائي سنگين ڏوهه آهي، جنهن جي سزا 3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي رقم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو