ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ ارڙي وگهي 38 ٻارڙن جي موت کانپوءِ صوبائي حڪومت سڄي صوبي ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارن کي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪراچي ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر جمن خان،حفاظتي ٽڪن بابت پي ڊي ارشاد ميمڻ ۽ اي او سي ڊاڪٽر احمد علي سميت صحت جي ماهرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ ٻڌايو ته هلندڙ سال سنڌ ۾ ارڙي سبب 2489 ٻار متاثر ٿيا آهن ۽ 38 ٻارڙن حياتيون وڃايون آهن، هن چيو ته هلندڙ سال روبيلا جا 117 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن جي ڪري گادي واري شهر ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 15 نومبر کان ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءُ جي قومي مهم شروع ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مهم هلائڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، 27 نومبر تائين جاري رهندڙ مهم ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، 80 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جي خوراڪ به ڏني ويندي، ان ۾ 15200کان وڌيڪ ٽيمون فڪسڊ آهن، جيڪي عارضي ۽ موبائل ٽيم تحت ڪم ڪنديون، هن وڌيڪ چيو ته 60 سيڪڙو ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ تعليم کاتي سان تعاون ڪيو آهي، والدين کي اسڪول انتظاميا طرفان خط موڪليا ويا آهن، ڊي جي هيلٿ ٻڌايو ته ان مهم کانپوءِ جنوري 2022ع کان ايم آر ويڪسين کي به حفاظتي ٽڪن جي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. اسان سمجهون ٿا ته ٻارن جي صحت بابت سنڌ حڪومت جو اهو قدم نه رڳو تاريخي آهي پر ان جي سڄي سنڌ ۾ آجيان پڻ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ اندر مختلف بيمارين سبب ٻارڙن جي موتن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ارڙي بابت گذريل 6 مهينن کان ميڊيا ۾ جيڪي خبرون اچي رهيون آهن اهي انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن ۽ ان سان گڏ ٻيا موذي مرض تيزي سان وڌي رهيا آهن، انهن تي سنڌ حڪومت جو نوٽيس وٺڻ احسن قدم آهي ۽ اهڙي قدم سان صوبي جا ٻارڙا جيڪڏهن ڄاڻايل بيمارين کان محفوظ ٿين ٿا ته اهو نه رڳو تاريخي قدم آهي پر ان سان اسان پنهنجو مستقبل به محفوظ بڻائي سگهنداسين، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جي ان قدم تي هر اسٽيڪ هولڊر ۽ خاص ڪري ٻارڙن جي والدين کي به سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ اڳيان وڌي ان ۾ حصو به وٺڻ گهرجي، اسان سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي جي ساراهه ڪندي اها به گهر ڪنداسين ته هن وقت مليريا ۽ ڊينگي جا مرض تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ اهڙن ڪيسن جو انگ ڏينهون ڏينهن مٿي چڙهي رهيو آهي، ان ڪري ان کان بچاءُ لاءِ سڄي سنڌ ۾ اسپري جي مهم پڻ هلائي وڃي ۽ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ هنگامي بنيادن تي مڇر مار ڦوهارو ڪيو وڃي جيئن اسان پنهنجي ماڻهن کي اهڙي بيماري کان محفوظ بڻائي سگهون. گڏوگڏ سنڌ ۾ ڪجهه عرصي کان بند ڪيل هيپاٽائيٽس کان بچاءُ وارو پروگرام به ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان سمجهون ٿا ته اهي اهڙا قدم آهن، جن ۾ سيڙپ سان انساني حياتيون محفوظ بڻجنديون، ان ڪري سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتي جي ان عمل ۾ اڳتي اچي هر اهڙو قدم کڻڻ گهرجي، جنهن سان صوبي جي عوام جون زندگيون بچن ۽ انهن جي صحت بهتر ٿئي ته ان کان وڌ واکاڻ وارو ٻيو ڪو به عمل ٿي نه ٿو سگهي. اسان کي اميد آهي ته سنڌ حڪومت پاران ڪيل فيصلي تي من و عن عمل ڪيو ويندو ته جيئن دنيا جي هيءَ سڀ کان وڏي مهم ڪاميابي سان هم ڪنار ٿئي ۽ دنيا آڏو اهو به واضح ٿئي ته سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي جي ٻارڙن جي صحت بابت غافل نه آهي ۽ اها هر اهڙو قدم کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جنهن سان اسان جا ٻار صحتمند ۽ محفوظ بڻجي سگهن، ڇو ته جيڪڏهن ٻار صحتمند هوندا ته اهي هڪ صحتمند معاشرو جوڙڻ کان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا.