106

عشره رحمت اللعالمين ۽ 12 ربيع الاول واري ڏينهن عام موڪل هوندي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته عشره رحمت اللعالمين ۽ 12 ربيع اولال شاندار طريقي سان ملهائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي عظيم الشان تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ ان ڏينهن عام موڪل هوندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته محسن انسانيت، خاتم النبيين پيغمبر اعظم ﷺ جي سيرت جي آگاهي لاءِ تقريبون، ميلاد ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون پيون وڃن، ان عشره ( 3 -13 ربيع الاول) کي وزيراعظم سميت پارٽي ورڪرز ۽ عوام ڀرپور طريقي سان ملهائيندي. جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي عظيم الشان تقريبن جو انعقاد ڪيو پيو وڃي، مرڪزي تقريب 12 ربيع الاول تي ٿيندي ۽ حسب معمول ان ڏينهن عام موڪل هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو