فائرنگ 147

حيدرآباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب ٻه مزدور اجل جوشڪار

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)حيدرآباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن مزدورن کي ماري ڇڏيو،واقعي جو سبب پراڻي دشمني آهي، پوليس جو موقف آهي ته حيدرآباد ۾ بلديه ٿاڻي جي حد حر ڪيمپ جي جتوئي علائقي ۾ قائم سيمنٽ ڊپو تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جنهن مان هڪ مزدور جي سڃاڻپ وحيد علي ڊومڪي ولد گل حسن ڊومڪي جي نالي سان ٿي آهي،پوليس لاش سول اسپتال منتقل ڪيا جٿي ايس پي هيڊ ڪوارٽر انيل حيدر پڻ پهچي ويو، جنهن بعد پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو