134

جيل وڃڻ کان نه ٿي ڊڄان، عمران خان آئيني وزيراعظم نه آهي، کيس سازشن جو جواب ڏيڻو پوندو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته  آئون ڪيسن، گرفتاري ۽ جيل وڃڻ کان نه ٿي ڊڄان، عمران خان آئيني وزيراعظم نه آهي، کيس سازشن جو جواب ڏيڻو  پوندو. اربعا ڏينهن پنهنجي ڪيس جي ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ کان پوءِ عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز  چيو ته ڪيسن، گرفتاري ۽ جيل وڃڻ کان نٿي ڊڄان، ڀلي منهنجي ضمانت رد ڪريو، گرفتار ڪريو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته اوهان ڪيترا ڊڄڻا آهيو؟ هن چيو ته عمران خان نه آئيني وزيراعظم آهي نه چونڊيل. هو سليڪٽيڊ آهي. عمران خان وٽ عوام جو مينڊيٽ نه آهي. عمران خان وزيراعظم جي ڪرسي تي قبضو ڪيو آهي.  ان جو اصول ۽ جمهوريت سان ڪوبه واسطو نه آهي هي ملڪ جادو ڦيڻي سان هلائي رهيو آهي. عمران خان اهم مقرريون ڌاڳن ڦيڻن سان ڪرڻ گهري ٿو،  اهي ڌاڳا ڦيڻا ڪم ڪن ٿا ته انهن سان عوامي ڀلائي ڇو نه ٿو ڪري؟ مهانگائي ختم چو نه ٿو ڪري.هن چيو ته مون کي ڊيچاريندڙ ڀل ۾ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو