112

لکي ڀرسان جاگيراڻي برادري جي 4 ڳوٺن تي چڙهائي، قتل جا جوابدار هٿ نه آيا، 20 گهر ڊاهي پٽ

لکي غلام شاهه (ويب ڊيسڪ) لکي ڀرسان جاگيراڻي برادري جي 4 ڳوٺن تي چڙهائي، قتل جا جوابدار هٿ نه آيا، 20 گهر ڊاهي پٽ، ان سلسلي ۾ هفتو اڳ جاگيراڻي-سيٺار تڪرار ۾ قتل ڪيل ممتاز سيٺار جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ٿي، ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀُٽي جي اڳواڻي ۾ جمن، اڪبر، شڪل ۽ علي نواز جاگيراڻي ڳوٺن تي ڪڙو چاڙهي تلاشي ورتي وئي، جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس شڪارپور مان ڪرين مشين گهرائي 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا گهر پٽ ڪري ڇڏيا، ڪجهه  ڪکاون گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو پڻ ويو، هوڏانهن پوليس چئني ڳوٺن ۾ ڪئمپون قائم ڪري اهلڪار ويهاري  ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران اهلڪارن مٿان بيگناهه گهر ڊاهڻ ۽ ڦرلٽ جا الزام هنيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو