120

اسلام آباد ۽ لاهور موٽر وي ڇڏي باقي سمورا هاءِ ويز لاوارث آهن، معياري ڪم ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جيسٽس جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا آهن ته اسلام آباد ۽ لاهور موٽر وي ڇڏي باقي سمورا هاءِ ويز لاوارث آهن، معياري ڪم ناهي، رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ آر سي ڊي هاءِ وي جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪوئيٽا-ڪراچي روڊ تي مسافرن جي تحفظ لاءِ پوليس ڇو مقرر ناهي ڪئي وئي؟، جنهن کانپوءِ اين ايڇ اي چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز جي خراب حالت سبب ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن، ڪوئيٽا-ڪراچي روڊ سئو سيڪڙو صحيح ڪيو وڃي، هاءِ ويز تي ريفليڪٽرز ۽ مارڪننگ لائينون غير معياري آهن، روڊ تي ڪيترون ئي مارڪننگ لائينون برسات جي ور چڙهي ويون، چترال-گلگت روڊ ڪاغذن ۾ مڪمل ظاهر ڪيو ويو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو