ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل ڊويزن بئنچ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت 11 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته آغا سراج دراني جي گهر واري ناهيد دراني، سندس پٽ آغا شهباز دراني، 3 ڌيئرن سميت 7 جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو آغا سراج دراني ۽ ٻين پاران ضمانتن لاءِ داخل ڪيل درخواستن جو 16 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت اسپيڪر آغا سراج دراني، شمشاد خاتون، ذوالفقار ڏهر، منور علي، غلام مرتضيٰ، محمد عرفان، شڪيل سومرو، گلبهار لوهار، طفيل شاهه، ميٺا خان ۽ سيد محمد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته آغا سراج دراني جي گهر واري ناهيد دراني، پٽ آغا شهباز دراني، ڌيءُ سارا دراني، شاهانا دراني، سونيا دراني، اسلم پرويز لانگاهه ۽ گلزار احمد جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته نيب عدالت کي ٻڌايو ته آغا سراج دراني جي آمدني ۽ اثاثن ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جو فرق آهي، آغا سراج جي 2018ع ۾ اثاثن جي ماليت 18 ڪروڙ رپيا هئي، عدالت چيو ته آغا سراج جا گهرڀاتي ڪڏهن به ڪنهن عوامي عهدي تي ناهن رهيا، نيب جو به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آغا سراج دراني تي آهي، نيب جو الزام آهي ته آغا سراج دراني غير قانوني آمدني سان ٻارن جي نالي تي پراپرٽي خريد ڪئي آهي، عدالت جي نظر ۾ ڪيس آغا سراج دراني جي خلاف آهي ان جي ٻارن خلاف ناهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ملڪيت جي خريداري لاءِ رقم جي فراهمي جو الزام آغا سراج دراني تي آهي، اسان جي معاشري ۾ والدين ٻارن جي نالي تي ملڪيتون خريد ڪري انهن جو مستقبل محفوظ بڻائيندا آهن، ٻارن کي ڪو ناهي ٻڌائيندو ته انهن جي والدين وٽ اها آمدني ڪٿان آئي آهي، عدالت چيو ته آغا سراج دراني جي وڪيلن موجب نيب آغا سراج دراني کي وراثت ۾ مليل ڪنهن آمدني جو ذڪر ناهي ڪيو، وڪيلن جو اهو به چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جي 3500 ايڪڙ زرعي زمين شامل ناهي ڪئي وئي، عدالت چيو ته جيڪڏهن اسان آغا سراج دراني جي وڪيل جي ڳالهه مڃي وٺون ته آمدني ۽ اثاثن ۾ وڏو فرق آهي، آغا سراج دراني جي آمدني ۽ اثاثن ۾ فرق دستاويزن مان به ظاهر ٿئي ٿو، هوڏانهن نيب جي ٽيم آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ سندس رهائشگاهه پهتي، 2 گاڏيون سندس رهائشگاهه وٽ موجود آهن، جڏهن ته گهر جي چوڌاري ناڪا لڳايا ويا آهن.
120