116

وفاق توانائي، معاشي ۽ انتظامي بحران جي ذميوار آهي، سياري ۾ گيس جي کوٽ ٿيندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير امتياز احمد شيخ  وفاقي حڪومت کي ملڪ ۾ توانائي، معاشي ۽ انتظامي بحران جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته  وفاقي حڪومت جي بدانتظامي جي ڪري سياري ۾ گيس جو شديد بحران ٿيندو. سنڌ اسيمبلي جي ڪيمٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي ڊيلنگ جي ڪري ڪنهن به بين الاقوامي ڪمپني ٽينڊر ناهي ڀريو ، ان ڪري سياري ۾ گيس جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي سڌي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت آئي ڏينهن عوام تي پريشانين جو بم ڪيرائي ٿي،  بجلي هجي يانه گئس جي استعمال جو مشورو ڏنو وڃي ٿو پر هاڻي گئس به نه ملندو،  هن چيو ته توانائي جي وفاقي فيصلي ساز ادارن نيپرا، اوگرا ۽ ٻين ۾ سنڌ جي نمائندگي نه آهي. گذريل ٽن سالن ۾ گيس جي قيمتن ۾ ساڍا ٽي سو سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جهڙو زرعي ملڪ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، معاشي، انتظامي حڪمراني جو بحران آهي ، خان صاحب جي پاليسن ملڪ کي نون مسئلن ۾  ڦاسائي ڇڏيوآهي. هن چيو ته سنڌ جي گيس سنڌ کي نه ڏني پئي وڃي، پاڪستان جا سمورن مسئلن جو حل پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي ۽ اسان اتفاق راءِ سان مسئلا حل ڪري سگهون ٿا.هن چيو ته  وفاقي حڪومت بحراني حالتن ۾ به مخالف ڌر سان دشمني سان باز نٿي اچي، مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ کان بچڻ لاءِ قانون بدلي ڇڏيندا آهن. هن چيو ته خان صاحب حڪومت ڇڏيو ۽ قومي حڪومت  جوڙي نيون چونڊون ڪرايو. وفاقي حڪومت جهڙي طرح فيصلا ڪري رهي آهي ان تي سنڌ حڪومت عدالتي آپشن تي پڻ غور ڪري رهي آهي.  هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت درخواستون ڪري رهي آهي پر اسان جي درخواست تي ڌيان نه ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي هدايتن تي پيپلز پارٽي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران جي خلاف آواز اٿاريندي رهندي. هن  چيو ته حيسڪو، سيپڪو ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني  وفاقي حڪومت هلائي نه ٿي سگهي ته پوءِ انهن کي سنڌ سرڪار حوالي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو