121

ايف پي سي سي آءِ قرضن جي مد ۾ 25 کرب روپين جي نقصان جي جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ اندسٽري ( ايف پي سي سي آءِ ) قرضن جي مد ۾ ملڪ کي 25 کرب روپين جي نقصان پهچڻ جو انڪشاف ڪندي ان جي جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو  آهي. ان سلسلي ۾ ايف پي سي سي آءِ  ناڻي واري وزير  شوڪت ترين کي لکيل هڪ خط ۾  چيو آهي ته قرضن جي مد ۾ ٿيل بد انتظاميءَ جي ڪري ملڪ کي 25 کرب روپين جو نقصان پهتوآهي. ان ڪري قرضن جي معاملي ۾ بد انتظامي کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن قومي ناڻي کي پهچندڙ نقصان روڪي سگهجي ۽ ان معاملي جي اعليٰ سطح تي جانچ پڻ ڪرائي وڃي. خط ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته  آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن کي پڻ شامل ڪيو وڃي. وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ان کي 13 سيڪڙو تائين ڪرڻ به ناانصافيءَ تي ٻڌل قدم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو