146

پي ڊي ايم لانگ مارچ تي مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) ۾ اختلاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم لانگ مارچ تي مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن، مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اشارو ڏنو ته حڪومت جي خلاف لانگ مارچ پڻ شروع ڪيو ويندو، جنهن تي (ن) ليگ لانگ مارچ جي مخالفت ڪئي، جنهن تان ٻنهي جماعتن ۾ اختلاف پيدا ٿيا آهن، (ن) ليگ جي مفاهمتي گروپ لانگ مارچ بدران جلسا ڪرڻ کي اهميت ڏني، اتفاق نه ٿيڻ جي ڪري اهو معاملو ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو