152

عثمان بزدار پاران قيدين ۽ جيل عملي لاءِ ساڍا 5 ارب پيڪيج جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جشن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي قيدين جي سزا ۾ 60 ڏينهن عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير عثمان بزدار قيدين ۽ جيل عملي جي لاءِ ساڍا 5 ارب رپين جي خصوصي پيڪيج جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته قيدي انسان آهن، انهن سان انسانن وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، 1894ع جي 127 سال پراڻي جيل قانون، قائدن ۽ روايتن کي تبديل ڪيو وڃي، جيل جي سمورن قيدين جي لاءِ انساني حقن جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته ڪنهن به وڏي وزير قيدين جي حالت تي ڌيان ناهي ڏنو، عثمان بزدار پيڪيج ڏئي قيدين ۽ جيل ملازمن جون دليون کٽي ورتيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو