141

مون کي يقين آهي ته ڀارت خلاف مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورلڊ ڪپ جي سٺي شروعات ڪنداسين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ٽي –20 ورلڊ ڪپ کٽينداسين، شروعاتي مئچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پنهنجي ڌاڪ ويهارينداسين، ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته ڪنهن به ايونٽ ۾هر مئچ جو دٻاءُ هوندو آهي، پر ڀارت خلاف مئچ جو دٻاءُ الڳ هوندو آهي، ڪوشش هوندي ته دٻاءُ کي ذهن مان ڪڍي ڀارت کي شڪست ڏيون، هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو، ان کي وساري مستقبل تي فوڪس آهي، اسان پريشر کي هينڊل ڪرڻ جو پلان جوڙي ورتو آهي، ورلڊ ڪپ کٽي سگهون ٿا، ان لاءِ سٺي تياري به ڪئي آهي، خوشي آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهيان، آئون ۽ رضوان ئي اوپننگ ڪنداسين، باقي دبئي وڃي اندازو لڳائينداسين ته ڇا ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته ٽيم ۾ سينيئر رانديگرن جو هجڻ بهترين فيصلو آهي، شعيب ملڪ تجربيڪار آهي، هن مختلف ليگون کيڏيون آهن، هن جي ٽيم ۾ هجڻ سان نوجوانن کي فائدو ملندو، بابر اعظم چيو ته ضرورت پئي ته ٻن اسپينرن کي کيڏايو ويندو، هيڊل ۽ فلينڊر تجربيڪار آهن، ڀرپور فائدو کڻنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو