119

وابشاهه ويجهو نافرمان جنوني پٽ تعويز وٺي نه ڏيڻ تي پنھنجي ماءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

نوابشاھ (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ويجهو نافرمان پُٽ ڪُھاڙين جا وار ڪري ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، خبر موجب نوابشاھ ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير شاهه ۾ جوابدار راشد خاصخيلي پنھنجي ماءُ 45 ورھين جي مسمات حسينا خاصخيلي کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو لاش پي ايم يو اسپتال نوابشاھ آندو ويو، ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف پوليس جوابدار راشد خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آھي تعلقي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته راشد خاصخيلي جو ذھني توازن صحيح ناھي، راشد خاصخيلي پنھنجي ماءُ کي تعويز وٺي ڏيڻ جو چيو، تعويز نه وٺي ڏيڻ تان پٽ ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو