ليکڪ: ولي نوحاڻي
تازو بدين ۽ گولاڙچي جي سفارش ڪيل 6 يوسين مان هڪ تعليمي هارڊ پاليسي ۾ وسري ويل يونين ڪائونسل گهڙو 6 ديهن تي ٻڌل آهي، هيءَ يوسي سدائين قدرتي آفتن جي ضد ۾ رهي آھي، يوسي گهڙو ۾ 13000ووٽ ڪاسٽ ٿين ٿا ۽ هيءَ موجوده صوبائي وزير اسماعيل راهو جي اڪثريت واري يوسي رهي آهي، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جو ڳوٺ به هن يوسي ۾ آهي، هن يوسي جي ڪا آفيس ڪونهي جيڪو چيئرمين چونڊجي ٿو اهو پاڻ پنهنجي اوطاق تي آفيس رکي ٿو، هن يونين جو هڪ ئي مين روڊ آهي جيڪو ترائي شهر کان پيرو لاشاري، ڪڙيو گهنور، تلهار ۽ متارا کي ڳنڍي ٿو، اهو به سالن کان ننڌڻڪو ۽ لاوارث ٿي ويو آھي، ٻيو لنڪ روڊ امام واهه کان درگاهه سرور نوح ڏانهن ٿو وڃي جيڪو پڻ ڪافي اجڙيل حالت ۾ آھي، باقي جيڪي ٻيا ڳوٺ آھن اهي روڊ جي سهولتن کان محروم آھن، هتان صرف هڪ ئي سم نالي جي سهولت هئي جيڪا 1996ع ۾ ملي، ان کانپوءِ هن سم نالي جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي، ۽ سم نالو هاڻي بلڪل نشانيءَ طور رهجي ويو آهي، يوسي گهڙو ۾ نه ته ڪو صحت جو مرڪز آهي ۽ نه ئي وري ڪا ٻي سهولت، هن يوسي اندر جيڪي به پرائمري اسڪول آهن، اهي به انتهائي ناقص حالت ۾ موجود آهن، پهريان ته اتي ڪا به پڙهائي ناهي، نه ئي وري ڪو اسڪولن ۾ استاد جي سهولت ڏني وڃي ٿي، جيڪي سرڪاري عمارتون ٺهيل هيون، اهي به ڪڏهن کان زبونيءَ جو شڪار آهن، ڪجهه هلندڙ اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي ذميوارن ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو، باقي يوسي جا گهڻا اسڪول استاد نه هجڻ سبب بند پيل آهن، هن يوسيءَ ۾ تعليم تي ڪو به ڌيان ناهي، علائقي جا سوين ٻارڙا اسڪول بند هجڻ ۽ تعليمي سهولتون نه هجڻ سبب مال چارڻ تي مجبور آهن، جيڪي پڙهيا اهي به بيروزگاري جي ور چڙهيل آهن، سڄي يوسي اندر نياڻين لاءِ ڪا به تعليمي سهولت ناهي، يوسي جا بااثر ۽ مڇي ماني وارا ماڻهو پنهنجا ٻار شهرن ۾ پڙهائي رهيا آهن، باقي غريبن لاءِ تعليم به وڏو ٽڪر آهي، جنهن کي سر ڪرڻ انهن جي وس ۾ نه آهي، يوسي سميت علائقو پاڻي جي سخت کوٽ وارو علائقو آهي، هتي جيڪي شاخون آهن، انهن جي کاٽي نه ٿي کنئي وڃي، ان ڪري هميشه کوٽ به هن يوسيءَ ۾ هوندي آهي، جڏهن برساتون پونديون آهن، ٽنڊو محمد خان کان وٺي برساتن جو پاڻي به هن ئي يوسي ۾ ڇڏيو ويندو آهي، تڏهن وري هيءَ يوسي ٻوڏ کي منهن ڏيندي آهي، هتان جا ڪيترائي نوجوان ٽيلينٽيڊ هجڻ باوجود انهن لاءِ روزگار جو وسيلو نه آهي، جيڪي اسڪول هلن پيا، انهن ۾ به خاص ڪري سڀ ٻاهر جا استاد رکيا ويا آهن پر مقامي نوجوانن کي موقعو نٿو ڏنو وڃي، هتان جي رهواسين کي زرعي حوالي سان به ڪافي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪڏهن روينيو جي ڪم ڪار لاءِ ڪو ماڻهو اي سي يا مختيارڪار وٽ وڃي ٿو ته سخت تڪليفن ۾ اچي ٿو، انهن جي ڪا به واهر نٿي ٿئي، يوسيءَ جو جر کارو هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو به انتهائي اهم آهي، واٽر سپلاءِ اسڪيم نه هجڻ ۽ کارو پاڻي واپرائڻ سبب ڪافي ڳوٺن ۾ هيپاٽائيٽس ۽ گڙدن جي بيمارين پنهنجا پير ڄمائي ورتا آهن ۽ ڄاڻايل موذي مرضن ۾ ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، يوسي گهڙو جا 30 سيڪڙو ماڻهو بلڊ پريشر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن جو خاص سبب به جر وارو خراب پاڻي ٻڌايو وڃي ٿو، هتي جي عورتن ۾ غذائي کوٽ سبب ڪيترائي ٻار پيدائشي طور تي مختلف بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا، جن مان ڪيترائي فوت به ٿي وڃن ٿا، عورتن جي ڊليوري لاءِ ڪو به ميٽرنٽي هوم يا ٻي ڪنهن سهولت جو بندوبست نه آهي، يوسي آفيس نه هجڻ سبب مڇرمار اسپري به ناهي ٿيو، هتان جا ڀوتار رڳو ووٽ وٺڻ وقت عوام کي ڏسڻ اچن ٿا، باقي ڪل پيران دا خير، ساحلي پٽيءَ سان خاص ملندڙ يوسي گهڙو هر قسم جي بنيادي سهولت کان محروم آهي، هن يوسي جي ڪا به وارثي يا مالڪي نه آهي، اسان وس وارن کان رڳو اهو پڇڻ گهرون ٿا ته هن يوسي مان جيڪو تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪڏهن ان جي رائلٽي جو هڪ پئسو به هن يوسي تي خرچ ٿئي ها ته هيءَ پيرس بڻجي پوي ها، نيٺ هن يوسيءَ جي ماڻهن کي پنهنجي معدني وسيلن کان به ڇو محروم رکيو ويو آهي؟ تازو تعليمي هارڊ پاليسي ۾ سفارش ڪيل ترائي، راهوڪي، فتح آباد جي وچ واري يوسي گهڙو سياست جي نظر ٿي وئي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته يوسي کي سهولتون ڏياري گهڙو کي تعليمي پاليسيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي.