135

غيرقانوني طريقي سان رقم موڪلڻ وارو حوالا ڪاروبار…

ليکڪ: ڊينيل گونزاليز ڪپا

رقم کي دنيا جي هڪ حصي کان ٻئي حصي تائين پهچائڻ ۽ اهو به ان کي پنهنجي جاءِ تان منتقل ڪرڻ بنا ان لاءِ نه ته بئنڪن جي ۽ نه ئي ڪرنسي ايڪسچينج جي ضرورت آهي، نه ئي ڪو فارم ڀرڻو آهي ۽ نه ئي فيس ڏيڻي آهي، ان ۾ هڪ ته رقم موڪلڻ وارو ۽ ٻيو جنهن وٽ رقم پهچڻي آهي ۽ وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ٻيا ماڻهو هوندا آهن، جن کي اوهان ٽياڪڙ يا مڊل مين چئي سگهو ٿا، اهو حوالا جو ڪاروبار آهي، جيڪو روايتي بئنڪاري نظام جي اچڻ کان گهڻو اڳ کان موجود هو، رقم جي منتقلي ۾ آساني ۽ ان ۾ شامل ماڻهن کي ملندڙ ڪيترن ئي فائدن جي ڪري اهو ڪاروبار صدين کان هلندڙ آهي، ان ذريعي لکين ڊالر سڄي دنيا ۾ هيڏي هوڏي منتقل ڪري سگهجن ٿا، ان ڄاڻ کانسواءِ ته رقم ڪيتري آهي ۽ ان کي ڪنٽرول ڪير ڪري رهيو آهي، رقم جي دنيا جي هڪ حصي مان ٻئي حصي ۾ غيرقانوني طور تي منتقلي جو نالو ئي حوالو آهي، ان ۾ سڀ کان اهم ڪردار ايجنٽ يا مڊل مين جو هوندو آهي، جنهن کي ٽياڪڙ چئي سگهجي ٿو، مڊل مين قسمتي ڪنهن ڏي وٺ جو رڪارڊ ڇڏين ٿا، ان جي ڪري اهو معلوم ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ هوندي آهي ته رقم حوالي ذريعي ڪٿان نڪري ڪٿي پهچي رهي آهي ۽ ان جو استعمال امڪاني طور تي مني لانڊرنگ، منشيات جي اسمگلنگ ۽ انتهاپسند تنظيمن جي مالي مدد لاءِ به ٿي سگهي ٿو، ميڊرڊ جي پونٽيفيسيا ڪاميلا يونيورسٽي ۾ عالمي مطالعي جي پروفيسر البرٽو پريگو مورينو ٻڌايو ته جيتوڻيڪ حوالو پاڻ انهن سرگرمين سان لاڳاپيل ناهي پر اهو غلط مقصد حاصل ڪرڻ جو پرزو ٿي سگهي ٿو، درحقيقت اهو خليج فارس، اوڀر آفريڪا، ڏکڻ آفريڪا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پکڙيل آهي، ان کي هڪ روايتي ۽ غير رسمي طريقيڪار جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي بئنڪنگ نطام جي متوازي هلي ٿو ۽ ان جي اهميت مڊل مين جي اعتماد تي ٻڌل آهي، مثال طور نيويارڪ مان ڪو شخص بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ کاننسواءِ اسلام آباد رقم موڪلي سگهي ٿو، ان لاءِ کيس مقامي مڊل مين سان رابطو ڪرڻ ان کي ڊالر ۾ رقم ۽ پاسورڊ ڏيڻو پوندو آهي، جنهن تي پئسا موڪلڻ وارو ۽ وصول ڪندڙ ٻئي متفق هجن، يعني انهن ٻنهي کانسواءِ اهو پاسورڊ هاڻ وچ واري فرد کي به معلوم آهي، اهو مقامي مڊل مين پاڪستان جي گادي واري هنڌ ۾ موجود مڊل مين سان رابطو ڪري ٿو ۽ ان کي رقم ۽ پاسورڊ ٻڌائي ٿو، هي ٻيو مڊل مين پاڪستاني رپين ۾ ايتري ئي رقم ان شخص کي ڏئي ٿو، جتي پئسا پهچائڻا هئا، هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته رقم صحيح شخص تائين پهچي، ان لاءِ هو پاسورڊ پڇي ٿو، اهو سمورو عمل صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿئي ٿو ۽ مڊل مين هڪ ننڍڙي رقم ڪميشن جي طور تي وٺي ٿو، حوالو ڪٿان آيو اهو واضح نه آهي پر ڪجهه ماڻهو ان جو تعلق اٺين صديءَ ۾ شاهراهه ريشم جي تعلق سان هندستان سان جوڙين ٿا، شاهراهه ريشم قديم زماني ۾ چين سان باقي دنيا جو واپاري رستو سڏرائيندو هو، ريشم جو واپار 200 سال قبل مسيح ۽ ٻي صدي قبل مسيح جي وچ ۾ هان خاندان جي دور ۾ عروج تي پهتو، ان کان اڳ شاهراهه ريشم جا قافلا چيني سطلنت جي اتر واري سري کان مغرب طرف ويندا هئا پر پوءِ وچ ايشيا جي قبيلن سان رابطو ٿيو ۽ آهستي آهستي اهو رستو چين، وچ ايشيا، اتر هند، موجوده ايران، عراق ۽ شام کان ٿيندو روم پهتو.اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته ان رستي تي نه صرف ريشم جو واپار ٿيندو هو پر ان سان لاڳاپيل سمورا ماڻهو پنهنجي شين جو واپار به ان ئي رستي سان ڪندا هئا پر شاهراهه ريشم تي اڪثر چوري ۽ ڦر جون وارداتون به ٿينديون هيون، ان ڪري انڊين، عربن ۽ مسلمان واپارين پنهنجي منافعي جي تحفظ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا، واپارين هڪ پاسورڊ استعمال ڪيو، جيڪو ڪا شيءِ لفظ يا اشارو هوندو هو، ان قسم جون شيون لفظ يا پاسورڊ وصول ڪندڙ کي ظاهر ڪرڻا پوندا هئا، اهڙي طرح ان ڳالهه کي يقيني بڻائبو هو ته رقم يا سامان جي ڏي وٺ صحيح هٿن تائين ٿي، اهو نظام ڪيترو پراڻو آهي ان جو اندازو ان ڳالهه کان لڳائي سگهجي ٿو ته هندستان ۾ پهرين بئنڪ بئنڪ آف هندستان هئي. جيڪا 18 هين صديءَ ۾ ڪولڪتي ۾ قائم ڪئي وئي هئي، اڄ دنيا جنهن رفتار سان ٽيڪنالاجي جي معاملي ۾ ترقي ڪري رهي آهي، ان ئي آساني سان حوالي جو ڪم به سولو ٿي ويو آهي، اڄ فوري پيغام پهچائڻ جي ايپ جي ذريعي پاسورڊ جي جاءِ تي ڪوڊ موڪليا وڃن ٿا، ان ڪري مڊل مين پنهنجي ڪاروباري سرگرمين سان گڏ متوازي طور تي به ان کي آسانيءَ سان سرانجام ڏئي سگهي ٿو.پروفيسر البرٽو پريگو مورينو جو چوڻ آهي ته اهو ان لاءِ ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن اهي پئسا اعلانيه يا مڪمل طور تي جائز ناهن هوندا، ڪڏهن صارف ٽئڪس ادا ڪرڻ کان بچڻ چاهي ٿو ۽ هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته ڪميشن گهٽ کان گهٽ هجي، اهڙو ان ڪري به ٿئي ٿو ڇو ته جيڪڏهن ڪو شخص روايتي طريقي سان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ واقع پنهنجي خاندان کي آمريڪا مان رقم موڪلڻ چاهيندو هجي ته ان لاءِ ان کي ڪيترائي مطالبا پورا ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن اوهان بئنڪنگ سسٽم استعمال ڪيو ٿا ته اوهان وٽ هڪ مخصوص رقم هجڻ گهرجي، اڪائونٽ کولڻ لاءِ اوهان کي ڪجهه دستاويزن جي ضرورت پوندي آهي، جيئن اوهان جي سڃاڻپ ۽ اتي اوهان جي قانوني حيثيت وغيره، ٻيو اهو ته رقم جي منتقلي جي خدمت ۽ عالمي ڏي وٺ لاءِ اوهان کان گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو تائين ڪميشن وصول ٿي سگهي ٿي، طريقو ڪهڙو به هجي صارف کي ڪيترن ئي ضابطن مان گذرڻو پوندو، ته جيئن مني لانڊرنگ جهڙين سرگرمين کي روڪي سگهجي. پر حوالي ۾ ان قسم جون ڪيتريون ئي پيچيدگيون نه آهن، پريگو مورينو ٻڌايو ته هي انتهائي گهڻو موثر طريقو آهي، ڇو ته رقم وصول ڪندڙ تائين اها جلدي پهچي وڃي ٿي ۽ ڪميشن به گهٽ ڏيڻي پوي ٿي، مڊل مين لاءِ ان کان سٺو نيٽ ورڪ هجڻ گهڻو ضروري آهي، اوهان جا جيترو وڌيڪ رابطا هوندا اوهان جو ڪاروبار ايترو ئي سٺو هلندو، ان ڪري اوهان انتهائي گهٽ چارج ڪيو ٿا ۽ وڌ کان وڌ نفعو ڏيو ٿا، هن جو چوڻ آهي ته مڊل مين لاءِ ضروري آهي ته اهو قابل اعتماد هجي، اڳ وياج جو رواج گهٽ هو ۽ مڊل مين لاءِ گهڻو پئسو ڪمائڻ ڏکيو هو، اهو ئي سبب هو ته هي نظام اوڀر وچ ۽ ايشيا ۾ گهڻو پکڙجي ويو، مغربي ملڪن ۾ بئنڪنگ ڏي وٺ ته آهي پر اتي سخت نگراني ۽ ڪنٽرول آهي، مورينو چوي ٿو ته ڪجهه جاين تي ماڻهو بئنڪن جي مقابلي ۾ ان مڊل مين تي گهڻو ڀروسو ڪن ٿا، ڇو ته اهو مڊل مين جو خانداني ۽ اباڻو ڪاروبار هوندو آهي، جنهن کي هو بئنڪن کان وڌيڪ قابل اعتماد مڃين ٿا.

——————————————(هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو