ايڊيٽوريل
لکي ڀرسان قبائلي جهيڙي ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن جون حياتيون هٿيارن جو بک بڻجي ويون آهن، ڪجهه وقت اڳ ڪارنهن جي معاملي تان شروع ٿيل تڪرار انتظامي نااهلي سبب انتهائي موتمار ٿي ويو آهي ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڌرين هڪٻئي جي 25 ڄڻن کي قتل ۽ 60 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪري چڪيون آهن، رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي 4 پاڙن ڪمالاڻي، سعد خاناڻي، عطراڻي ۽ گهراڻي جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان گذريل ڏينهن پڻ ڳوٺ انجنيئر سعد خاناڻي جتوئي تي مبينا طور گهراڻي جتوئي ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن سبب غلام قادر سعد خاناڻي ۽ گلشير سعد خاناڻي جتوئي موقعي تي مارجي ويا، ڌرين جي هٿياربندن لاڳيتو 4 ڪلاڪن تائين هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي پر ان دوران ڪٿي به پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نظر نه آيا، ٻڌايو پيو وڃي ته فائرنگ سبب راهگير محمد رمضان بروهي سميت 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، 4 ڪلاڪن بعد چڱن مڙسن سان رابطا ڪري ڌرين ۾ ويڙهه بند ڪرائي وئي، جنهن بعد پوليس پنهنجي روايتي ڊيوٽي پوري ڪندي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندا، جتي گڏ آيل وارث عورتون لاشن مٿان هنجون هاريندي قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ وڌيڪ خونريزي جو خطرو پڻ موجود آهي، ڪجهه مهينن کان هلندڙ هن تڪرار ۾ 25 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون آهن ۽ چئني ڌرين جي سوين ماڻهن تي ڪيس پڻ داخل ڪرايا ويا آهن پر اسان جي پوليس جي ڪارڪردگي اها آهي ته انهن سوين ماڻهن مان هن وقت تائين هڪ به گرفتار ناهي ٿي سگهيو، حيرت ان ڳالهه جي آهي ته هر هفتي، 15 هين ڏينهن ڌريون هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري جاني نقصان ڪن ٿيون، پوليس ٻيو ته پري پر انهن جي هٿيارن جي رسد به روڪي نه سگهي آهي، اسان اڳ به لکي آيا آهيون ته سنڌ کي قبائلي برادرين جي جهيڙن جو دوزخ بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن پر بدقسمتيءَ اسان جون هي تجويزون ۽ دانهون اختيار رکندڙن تائين شايد نه ٿيون پهچن، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اها گذارش رکنداسين ته خدارا سنڌ ۾ هلندڙ رت جي راند بند ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، گڏوگڏ اسان شڪارپور جي جتوئي برادري جي معززن ۽ سردارن کي به اپيل ڪريون ٿا ته خدارا پنهنجي برادري جي مختلف پاڙن ۾ هلندڙ ان ڪوس کي روڪڻ لاءِ قدم کڻو، ڇو ته ان رت جي راند ۾ ڪنهن جو به فائدو نه آهي ۽ نقصان رڳو جتوئي برادري نه پر سڄي سنڌ جو آهي، ڇو ته اتي ان جهالت واري جنگ ۾ سنڌ جا ئي ٻچا مري رهيا آهن، ان ڪري جهيڙيندڙ ڌرين کي هاڻ شٽ اپ ڪال ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، سردار لاءِ پنهنجي برادري پنهنجن ٻچن ۽ پنهنجي ڪٽنب وانگر هوندي آهي ۽ ڪهڙو سردار چاهيندو ته سندس ڪٽنب، ٻچا يا برادري ائين ئي پاڻ ۾ وڙهندي مرندي رهي، ان ڪري هنگامي بنيادن تي قدم کڻي جهيڙي روڪڻ جا اپاءَ ورتا وڃن، جيئن وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي پون.