144

سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف ٺاهيندي: سيف الله نيازي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيز سينيٽر سيف الله خان نيازي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪوششون ورتيون آهن. جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن 15 کربن کان گهٽجي 271 ارب رهجي ويئي آهي. وزير اعظم عمران خان ڪرپشن جي خلاف آهي ۽ ان ڪڏهن به پارٽي توڙي حڪومتي نمائندن تي ٺهندڙ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ رڪاوٽ نه وڌي آهي پر هو لاڳاپيل ادارن پاران ڪيس هلائڻ کان اڳ ۾ ئي ذميوارن خلاف ايڪشن کڻندو آهي. هن چيو ته نيب کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي جڏهن ته وفاق وٽ ايف آئي اي جهڙا اداره آهن جيڪي ڪرپشن خلاف ڪم ڪن پيا. هن چيو ته سنڌ ۾ اڳيئن حڪومت پي ٽي آئي جي هوندي ڪراچي ۾ جي ميئر اهو ٿيندو جيڪو لائق هوندو محنت ڪندو پارٽي کي مضبوط بنائڻ لاءِ نوان ماڻهو پارٽي ۾ شامل ڪري رهيا آهيون.پريس ڪانفرنس ۾ اپوزيشن ليڊر سنڌ اسمبلي حليم عادل شيخ سميت پي ٽي آئي جا ايم پي ايز پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو