لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل اينجيلا ايگلر لاهور ۾ (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خطي جي صورتحال سميت سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب آمريڪي قونصل جنرل جي شهباز شريف سان ملاقات ۾ خطي جي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن بعد آمريڪي قونصل جنرل مريم نواز سان به جاتي عمرا ۾ الڳ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، مريم نواز طرفان آمريڪي قونصل جنرل کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو، ترجمان موجب مريم نواز آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن ۽ ان جي حڪومت کي مبارڪون ڏنيون، مريم نواز چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به مداخلت جا حامي ناهيون، افغان عوام، عورتن ۽ ٻارن لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، هن چيو ته افغان پناهگيرن جي واپاسي لاءِ سازگار فضا ضروري آهي.
110