120

استعيفيٰ ناهي ڏني، پروپيگنڊا ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آهن:ڄام ڪمال

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي جي ترجمان وڏي وزير ڄام ڪمال مٿان هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳايو  آهي، بي اي پي ترجمان عبدالرحمان کيتر چيو آهي ته ڄام ڪمال مون کي پٽ ذريعي وزارت ڏيڻ ۽ ٻيون آڇون ڪيون آهن، هن ۾ ايتري همت ناهي جو مون کي سڌي آفر ڪري، ٻئي طرف ڄام ڪمال اليڪشن ڪميشن کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته منهنجي استعيفيٰ وارين خبرن ۾ صداقت ناهي، پروپيگنڊا ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، باپ جو صدر آهيان، جنرل سيڪريٽري جي 11 آڪٽوبر واري خط جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، هن لکيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اهو اختيار ناهي ته صدر جي هوندي ڪنهن کي قائم مقام صدر مقرر ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو