133

حڪومت نااهل آهي، خبر نه اٿم ته آءِ ايس آءِ سربراهه بابت فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو: آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪومت پ پ جي ٿيندي. احتساب عدالت مان واپسيءَ تي آصف علي زرداريءَ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.   صحافي کانئس سوال ڪيو ته ايندڙ وارو ڪنهن جو ڏسي رهيا آهيو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته ايندڙ وارو پ پ جو ٿيندو. اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ويو ته احتساب جو عمل ڪيستائين هلندو رهندو؟ جنهن تي هن چيو ته جيستائين معيشت وڌيڪ هيٺ نٿي اچي وڃي اهو سلسلو جاري رهندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ آصف علي  زرداري چيو ته آءِ ايس آءِ  چيف جي مقرري بابت اسان جو موقف آهي ته هيءَ حڪومت نااهل آهي، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي وقت به 5 مسودا ٺهيا هئا، مون کي خبر نه آهي ته فيصلو تبديل ٿيندو يا برقرار رهندو، الله خير ڪندو.پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته عمران خان اها صورتحال ڇا سنڀاليندو؟ هن ته پنهنجا سياستدان ئي ڏکيائين سان سنڀاليا آهن. ان کان اڳ آصف علي زرداري شڪي ٽرانزڪشن ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج  اصغر علي 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزڪشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو. آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس ۾ قومي ناڻي کي نقصان رسائڻ جو ڪو الزام نه آهي، سندس اسير تي فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگھي، نيب ترميمي آرڊيننس کان پوءِ ڪيس نٿو ٺهي، نئين نيب آرڊيننس تحت آزادي جي درخواست داخل ڪئي آهي، پهريان ان تي فيصلو ڪيو وڃي، جيستائين درخواست تي فيصلو نٿو ٿئي فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگھي. عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ نئين نيب آرڊيننس جي بنياد تي آصف علي زرداري جي آزادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، احتساب عدالت آصف علي زرداري کي 28 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو