133

ڪي پي ڪي نيشنل ٽي-20 ڪپ جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب، فائنل ۾ سينٽرل پنجاب کي شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي-20 جي فائنل ۾ ڪي پي ڪي ٽرافي جو دفاع ڪندي ڪپ پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، سينٽرل پنجاب کي پنهنجي هوم گرائونڊ تي شڪست نصيب ٿي، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ نيشنل ٽي-20 ڪپ جي  کيڏيل فائنل ۾ ڪي پي ڪي ۽ سينٽرل پنجاب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو،  سينٽرل پنجاب جا بيٽسمين توڙي بالر فائنل ۾ خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويا، ڪي پي ڪي پوري مئچ ۾ سينٽرل پنجاب مٿان دٻاءُ برقرار رکيو ۽ فائنل پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، سينٽرل پنجاب ڪامران اڪمل جي 42، احمد شهزاد جي 44 ۽ قاسم اڪرم جي 20 رنسن سان مقرره اوورن ۾ 148 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪي پي ڪي جي ڪپتان افتخار ۽ محمد عمران 3-3 وڪيٽون ورتيون، 149 رنسن جي مليل ٽارگيٽ ڪي پي ڪي جي بيسٽمينن طرفان شاندار بيٽنگ سبب 17 اوورن ۾ 3 وڪيٽن تي حاصل ڪيو، ڪپتان افتخار احمد 45 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، افتخار احمد 19 بالن تي 45 رنسون ٺاهيون، ڪامران غلام 37، صاحبزاده فرحان 26 ۽محمد حارث 10 رنسن جي اننگ کيڏي، سينٽرل پنجاب طرفان ثمين گل ۽ قاسم اڪرم 1-1 وڪيٽ ورتي، آل رائونڊ پرفارمنس تي افتخار احمد کي مين آف دي مئچ توڙي مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو، افتخار ايونٽ ۾ 409 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 8 وڪيٽون به ورتيون، رضوان جي جاءِ تي ڪي پي ڪي جي ڪپتاني سنڀالي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو