اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي سخت شرطن سبب ڪابل لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته طالبان ٽڪيٽ جو اگهه 15 آگست کان اڳ وارو رکڻ لا ءِ زور ڀريو هو. افغانستان جي هوائي ڪمپني ڪام ايئر جون اڏامون پڻ بند ساڳئي شرط سبب بند ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي اي ٽڪيٽ جو اگهه گهٽائڻ کان انڪار ڪري اسلام آباد کان ڪابل لاءِ ااڏامون بند ڪري ڇڏيون. پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته طالبان جي غير مناسب رويي سبب افغانستان جي لاءِ فلائٽ آپريشن اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪابل جي لاءِ فضائي آپريشن اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ڪابل ۾ پرڏيهي فضائي آپريشن لاءِ اڻوڻندڙ حالتون به ساڳئي فيصلي جي ڪري آهن. جڏهن ته پي آءِ اي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته قومي ايئرلائين جا جهاز بنا انشورنس جي ڪابل نه ويندا. افغان اختيارين طرفان آخري وقت ۾ فيصلن جي تبديلي به فلائٽ آپريشن بند ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب آهي. ٻي پاسي افغان حڪومت جي اطلاعات واري نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ افغانستان جي ڪام ايئر کي ٽڪيٽ جو اگهه نه گهٽائڻ سبب اڏامن کان روڪي ڇڏيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ٽڪيٽ جو اگهه اهو ئي رکيو وڃي جيڪو 15 آگسٽ يعني طالبان جي حڪومت اچڻ کان اڳ هو.
110