129

آمريڪي ڊالر جي اڏام اڃا مٿي، 7 پئسا مهانگو، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڇاپا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، ڊالر 7 پئسا جي اضافي سان 171 رپيا 13 پئسا کان وڌي 171 رپيا 20 پئسا ٿي ويو آهي، گهرو وزارت جي ڪوششن ۽ ايف آءِ اي طرفان ڊالرز ذخيرو توڙي اسمگلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائين باوجود ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي،  ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سبب سيڙپڪارن کي اربين رپين جو فائدو پهتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو