112

افغانستان ۾ ٻئي جمعي تي به مسجد ۾ آپگهاتي حملو، 33 ڄڻا شهيد، 50 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ ٻئي جمعي تي به مسجد ۾ آپگهاتي حملو، 33 ڄڻا شهيد، 50 زخمي، رپورٽ موجب افغانستان جي ڏکڻ شهر قندهار ۾ مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران 3 آپگهاتي بمبار داخل ٿيا ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،آپگهاتي حملي ۾ 33 نمازي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته  50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن اسپتالن  ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف مقامي صوبائي ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر نعمت الله وفا ميڊيا کي ٻڌايو ته  مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي، انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ آهي تي ٽي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيا جن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ٻئي طرف  افغانستان جي قائم مقام اطلاعات واري وزير ذبيع الله مجاهد چيو آهي ته داعش جي سموري قيادت افغانستان ۾ آهي، انهن جو خاتمو ڪنداسين هن چيو ته چين افغانستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي تيار آهي انهن چيني شهرين ۽ اثاثن جي سيڪيورٽي جي ضمانت گهري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو