137

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي مان نوجوان جو لاش ھٿ، مختيارڪار قاسم آباد ۽ سندس ڀاءُ تي قتل جو الزام

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو آهي جڏهن ته مقتول جي وارثن مختيارڪار قاسم آباد ۽ سندس ڀاءُ تي قتل جو الزاملڳايو آهي. نوجوان جي وارثن مختيارڪار قاسم آباد جي گهر ۽ فارم هائوس تي حملو ڪيو جنهن دوران ڀڃ ڊاهه، لٺين ۽ ڏنڊن سان مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ  ۽ ايس ايڇ او  سميت 7 اهڪار زخمي ٿي پيا آهن. زخمي مختيارڪار ۽ سندس ڀاء جي حالت تشدد سبب خراب ٿيڻ تي سول اسپتال حيدرآباد کان ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مظاھرين قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو پڻ هنيو. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسي سوين گاڏيون بيھي ويون جنھن سبب مسافرن سميت گاڏين جي ڊرائيورن کي سخت پريشاني واري صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو. پ پ ايم پي اي جي ڀاء ۽ پوليس  مظاھرين سان ڳالھيون ڪري 7ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو. خبر موجب حيدرآباد جي قاسم آباد جي  ڳوٺ طيب سومرو جو رهواسي عثمال سومرو جيڪو مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي جي فارم هائوس تي مالهي جو ڪم ڪندو هو، جنهن جو گولي لڳل لاش هٿ اچڻ بعد ڳوٺ طيب سومرو جا سوين رهواسي سومرا برادري جا ماڻھو رستن تي نڪري آيا مڇريل ماڻھن مختيارڪار جي گهر ۽ فارم هائوس تي حملو ڪري ڏنو، مڇريل ماڻهن مختيارڪار روينيو قاسم آباد ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي کي لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو،  جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو،  نوجوان عثمان جو لاش هٿ اچڻ بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس جاءِ واردات تي پهتي تي مقتول جي وارثن مختيارڪار جي گهر تي حملو ڪري ڏنو، حملي ۾ مختيارڪار ماجد خاصخيلي سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او نسيم نگر انسپيڪٽر انعام الحسن ۽ 7 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. مڇريل ماڻهن مختيارڪار جي گهر ۽ فارم هائوس کي باهه ڏئي ڇڏي. مقتول جي والد اسماعيل سومرو ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ماجد خاصخيلي جي فارم هائوس تي مالهي جو ڪم ڪندو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ فارم هائوس تان مور پکي جو ٻچو گم ٿي ويو، ماجد خاصخيلي جي ڀاءُ واجد خاصخيلي  مالهي عثمان سومرو تي شڪ ظاهر ڪري ڌمڪيون ڏنيون هيون. مقتول جو لاش وارثن قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو . ڌرڻي سبب سڄو علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو، ڌرڻو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي. بعد ۾ حيدرآباد جي ضلعي جي  سڀني ٿاڻن تان پوليس گهرائي علائقي ۾ ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪيو ويو، قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻي کي ايم پي اي ڄام خان شورو جي ڀاءُ اڳوڻي ميونسپل چيئرمين قاسم آباد ڪاشف خان شورو وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. مقتول جي وارثن جو مطالبو هو ته عثمان سومرو جي قتل جو ڪيس مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي تي داخل ڪيو وڃي، پوليس جو چؤڻ آھي ته واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. نوجوان عثمان سومرو جي مارجڻ واري واقعي جي مڪمل جانچ ڪئي ويندي جڏھن ته قانون کي ھٿ ۾ کڻندڙ جوابدارن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو