105

انصاف ڪمزور کي ئي گهرجي ٿو، طاقتور ته پاڻ کي قانون کان مٿانهون ٿو سمجهي ۽ اهو رڳو اين آر او ٿو گهري: وزيراعظم عمران خان

اسلام اباد (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل هيٺ آبادگارن لاءِ مخصوص ”ڪسان پورٽل“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جمعي واري ڏينهن هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ڪسان پورٽل جاري ڪيو. پاڪستان سٽيزن پورٽل ۾ آبادگارن جي مسئلن لاءِ ڪا به مخصوص ڪيٽگري موجود نه هئي جنهن جي ڪري انهن جا مسئلا ڄاڻايل ادارن تائين پهچي نه پي سگهيا. ڪسان پورٽل هيٺ وفاق ۽ صوبائي سطح تي ڄاڻايل ادارن ۾ ڪل 123 ڊيٽس بورڊ قائم ڪيا ويا آهن. ڪسان پورٽل جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت آبادگارن کي انهن جي محنت جو پورو معاوضو ادا ڪندي، ننڍا آبادگار خوشحال ٿيندا ته ملڪ خوشحال ٿيندو، پورهيت ۽ ڪمزور طبقي تي ظلم ٿيڻ نه ڏينداسين، وڌندڙ آبادي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ زرعي پيداوار ۾ واڌ اڻٽر آهي، آبادگارن جي خدمت ملڪ جي خدمت آهي، آبادگار ڪارڊ جي ذريعي آبادگارن کي سڌي سنئين سبسڊي ڏني ويندي، پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ڏنو ويندو، روپيي تي دٻاءُ عارضي آهي جلد ختم ٿي ويندو، ڪسان پورٽل جي ذريعي آبادگارن جا مسئلا جلد حل ٿيندا. ڪسان پورٽل ننڍن آبادگارن جو آواز ٿيندو. جيڪو به آبادگار پورٽل تي شڪايت ڪندو ته اها سڌو سنئون چيف سيڪريٽري تائين پهچندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪيا ويندا. آبادگارن کي قرضن جي فراهمي تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي، آبادگار ڪارڊ سان ننڍن آبادگارن کي سڌو سنئون سبسڊي ملندي، ڀاڻ، جيت مار دوائن ۽ ٻيون شيون سستيون ملنديون، ڪنهن آفت به انهن جي مدد ڪئي ويندي. آبادگارن جي لاءِ پوک جي انشورنس هڪ تمام سٺي اسڪيم آهي، ان سان بئنڪون به ان جي لاءِ قرض وڌائينديون. وزيراعظم چيو ته اسان انصاف جي تحريڪ هلائي ۽ اهو عزم ڪيو هو ته ڪمزور کي انصاف ڏيارينداسين ڇو ته انصاف ته گهرجي ئي ڪمزور کي، طاقتور ته پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته ان کي اين آر او ملي وڃي. جڏهن ننڍو آبادگار خوشحال ٿيندو ته هو پئسو ٻاهر نه کڻي ويندو نه ئي لنڊن ۾ فليٽس خريد ڪندو، پر هو ته پنهنجي زمين تي ئي پئسو لڳائيندو. جيترو آبادگار خوشحال ٿيندو ملڪي خوشحالي به وڌندي. ننڍن آبادگارن کي وڏن آبادگارن جي ڀيٽ ۾ مارڪيٽ مان زرعي شيون مهانگيون ملنديون آهن پر پنهنجي پيداوار جو معاوضو ان کي گهٽ ملندو آهي ۽ ان کي پنهنجي پيداوار سستي وڪڻڻي پوندي آهي. اهڙي طرح ننڍن آبادگارن کي قرض تي به وڏو وياج ادا ڪرڻو پوندو آهي. جيستائين ٻجن تي تحقيق نه ٿيندي ته پيداوار ڪئين وڌندي.  دنيا ۾ جيڪي ملڪ تحقيق تي خرچ ڪندا آهن انهن جي پيداوار اسان کان وڌيڪ آهي. پاڻي نه هجڻ جي ڪري اسان پنهنجي پيداوار نه وڌائي سگهياسين. هاڻي 50 سالن کان پوءِ 10 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، وزيراعظم چيو ته فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي ضرورت آهي هڪ سال ۾ اسان جو درآمدي بل 53 سيڪڙو وڌيو آهي، روپئي تي دٻاءُ عارضي آهي، تمام جلد ختم ٿي ويندو. پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود گذريل سال 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح کنڊ، داليون، پام آئل ۽ ڊي اي پي درآمد ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري ان جون قيمتون وڌي ويون آهن، هاڻي ملڪ ۾ سمورين جنسن جي پيداوار وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سويابين تي تجربو شروع ڪيو ويو آهي، زيتون جي پوک جو انقلاب اچي رهيو آهي، خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوکي وڌائي وئي آهي جنهن سان زيتون جي ايتري پيداوار ٿيندي ته اسان برآمد ڪري سگهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو