121

بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ مني بجٽ آهي، عمران خان آءِ ايم ايف لاءِ ڪم پيو ڪري: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مون بجيٽ تقرير ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو اهو سچ ۽ حڪومت ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي، عمران خان پاڪستان ۽ عوام لاءِ نه پر آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.شهباز شريف بجلي، پيٽرول، ٽيڪس  ۾ واڌ کي مني بجيٽ قرار ڏيندي چيو ته مني بجيٽ اچڻ سان منهنجي ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي.  حڪومت بجٽ جي نالي تي عوام کي دوکو ڏنو، اها حڪومت هلندي ته معيشت نه هلندي. هن چيوته ٽيڪس ڇوٽ وارين شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ، پيٽرول، بجلي جي اگھن ۾ واڌ عوام ۽ معيشت جي خلاف دهشتگردي آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي اڳ ئي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، حڪومت هڪ نئون بم اڇلي ڇڏيو آهي، عمران نيازي آءِ ايم ايف جي قربان گاهه تي معيشت ۽ قوم کي قربان ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي انڌا ڌند عمل ڪندڙ حڪومت عوام جي مفاد جو خيال نه رکيو. عمران نيازي پاڻ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي جنهن سبب مهانگائي وڌي ٿي، پوءِ قوم کي چوي ٿو ته مهانگائي وڌڻ جا سبب سمجهه ۾ نه پيا اچن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو