115

ڪاروباري مرڪز سڄو هفتو کولڻ جي اجازت،مزارون ۽ سينيمائون پڻ کلي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪاروباري مرڪز سڄو هفتو کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ،مزارون ۽ سينيمائون پڻ کلي ويون، رپورٽ موجب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا صورتحال ۾ بهتري جو جائزو ورتو ويو، اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪاروبار لازمي بند ڪرڻ واري پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي،ان ڊور شادي جي تقريبن ۾ ماڻهن جو تعداد 200 مان وڌائي 300 ۽ آئوٽ ڊور ۾ 500 ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته سينيمائون ۽ مزارون مڪمل ويڪسين ڪيل ماڻهن جي لاءِ کوليون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو