اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾گئس جي وڏي مقدار ۾کوٽ ٿي پئي آهي جنهن ڪري اڄ کان 9 ڏينهن لاءِ سي اين جي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سوئي سدرن گيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مختلف گيس فيلڊز کان ايس ايس جي سي کي ملندڙ گيس جو مقدار گھٽجڻ سبب گھريلو استعمال لاءِ گيس ڏيڻ ۾ ڏيکائيون پيش اچي رهيون آهن. ايس ايس جي سي جو چوڻ آهي ته پريشر جي گھٽتائي سبب سي اين جي اسٽيشنز کي 16 آڪٽوبر اڄ صبح جو 8 وڳي کان 25 آڪٽوبر سومر جي رات 8 وڳي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس جي سي مئنيجمينٽ پريشر جو جائزو وٺي رهي آهي جيڪڏهن گيس پريشر ۾ بهتر آئي ته سي اين جي اسٽيشنز کي کوليو ويندو.
135