109

جلال پور ڪئنال سسٽم تعمير تي خدشن جو اظهار، سنڌ جو پاڻي وڌيڪ چورايو ويندو: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي  آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايت تي آبپاشي کاتي جلال پور ڪينال سسٽم تي پنهنجي شديد خدشن جو اظهار ڪندي ان تي جاري ڪم بند ڪرڻ لاءِ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ بورڊ کي خط لکي ڇڏيو، آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايت تي آبپاشي کاتي چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته هن وقت جلال پور ڪينال منصوبو تعمير هيٺ آهي جنهن تي سنڌ صوبي کي شديد اعتراض آهن جن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، صوبي کي ان منصوبي جي تعمير تي شديد ڳڻتي آهي ڇو ته استعمال لاءِ وڌيڪ پاڻي جي ڇوڙ سان چوري ۽ اپر اسٽريم لاءِ رکيل پاڻي جي واپسي جي لاءِ غلط رپورٽنگ به ڪئي ويندي آهي، خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پنجاب صوبو ان ڳالھ کي يقيني بڻائي ته سنڌو درياءَ جي لنڪ ڪينالز جي ذريعي پاڻي منقتل ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته آبي وسيلن واري وفاقي وزير مونس الاهي جي تازي دوري ۾ جلال پور ڪينال ۽ گريٽر ٿل ڪينال منصوبن تي شديد اعتراضن کان آگاھ ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو