152

پنجاب جي وڏي وزير سان بلوچستان جي وزير اعليٰ جي ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير عٽمان بزدار سان بلوچستان جي وزير اعليٰ ڄام ڪمال خان ملاقات ڪئي،ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير عٽمان بزدار چيو ته بلوچستان جي ترقي اصل ۾ پاڪستان جي ترقي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته بين الصوبائي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻو آهي، هوڏانهن پنجاب جي وڏي عثمان بزدار روالپنڊي ۾  گونمينٽ وقار النساءِ پوسٽ گريجوئيٽ عورتن جي ڪاليج کي يونيورسٽي درجو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته روالپنڊي جي رنگ روڊ ۽ نالا لئي ايڪسپريس وي جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو