164

اين اي ڊي يونيورسٽي پاران ميٽرڪ جي بنياد تي داخلا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) اين اي ڊي يونيورسٽي انٽر جي امتحاني نتيجن ۾ دير سبب شاگردن جو وقت بچائڻ لاءِ ميٽرڪ بنياد تي داخلائن جو فيصلو ڪري ورتو. اين اي ڊي يونيورسٽي تحت هنگامي سينڊيڪيٽ اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ هلندڙ سال انٽر جي نتيجن ۾ دير سبب شاگردن جو قيمتي وقت بچائيندي ميٽرڪ جي بنياد تي داخلائن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب اهي سمورا شاگرد جيڪي انٽري ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو نمبرز يا سيٽ ون ۽ ٽو جو امتحان هڪ خاص اسڪور تحت پاس ڪري چڪا آهن اهي اهل هوندا، ميرٽ لسٽ 30 سيڪڙو ميٽرڪ ۽ 70 سيڪڙو اين اي ڊي انٽري ٽيسٽ جي نمبرز جي بنياد تي جاري ڪئي ويندي. داخلا لاءِ ڪيٽيگري اها ئي کنئي ويندي، جنهن بورڊ مان شاگرد انٽر ميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيو آهي. گذريل ٽن سالن جا ڪامياب شاگردن جا ميٽرڪ پوائنٽس ۾ ڏهائي 9 سيڪڙو مارڪس جي ڪٽوتي ڪئي ويندي ۽ داخلا عارضي بنيادن تي هوندي. انجنيئرنگ، آرڪيٽڪچر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ داخلائن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو نمبرز حاصل ڪرڻ لازمي آهي. بي ايس پروگرام لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 55 سيڪڙو نمبرز حاصل ڪرڻ لازمي آهي، ميرٽ لسٽ 22 آڪٽوبر، 25 آڪٽوبر کان شاگردن جا انٽرويوز ورتا ويندا جڏهن ته 22 نومبر کان سيشن جو آغاز ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو