140

ڪراچي اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن ۽ ڀرتين جو ڪيس ٽرائيل ڪورٽ منتقل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تازو جاري ٿيل نيب آرڊيننس کان پوءِ دل جي مرضن جي علاج واري اسپتال (اين آءِ سي وي ڊي) ۾ زڪوات فنڊن ۾ ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي الزام ۾ ملوث اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر، داور حسين، عذرا مقصود سميت ٻين جو ڪيس ٽرائيل کي منتقل ڪندي جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت جوابدار کي ٽرائيل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف جاچ رپورٽ هيڊ ڪوارٽر موڪلي وئي آهي جنهن ۾ نديم قمر ۽ ٻين جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو