110

سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻي ضلعي جون تعلقه اسپتالون ۽ آر ايڇ سيز پي پي ايڇ آءِ کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻي ضلعي جون تعلقه اسپتالون ۽ آر ايڇ سيز پي پي ايڇ آءِ کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقه اسپتالون پي پي ايڇ آءِ حوالي ٿي وينديون، پي پي ايڇ آءِ جو بورڊ آف ڊائريڪٽرز ٻيهر جوڙڻ لاءِ صوبائي وزير امتياز شيخ جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، ڪابينا جي اجلاس ۾ 433 ايڪڙ زمين سي اِي سي ايم سي کي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، 36 ڪلوميٽرز تائين پکڙيل زمين تي پائيپ لائين وڇائي ويندي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ اجلاس دوران صوبي ۾ پي پي پي موڊ تحت هلندڙ صوبن جي نگراني لاءِ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو