109

بلاول ڀٽو سان مرتضيٰ وهاب ۽ مولا بخش چانڊيو جي ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول هائوس ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي، ملاقات دوران مرتضيٰ وهاب ڪراچي شهر ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي شهر جي ترقي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، ڪياماڙي کان سهراب ڳوٺ تائين ڪراچي جي هر علائقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن، هوڏانهن بلاول ڀٽو سان سينيٽر مولا بخش چانڊيو پڻ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سينيٽ ۾ قانونسازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مولا بخش چانڊيو جو پٽ امير چانڊيو ۽ ڀائيٽيو امتياز چانڊيو پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو