اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي جي درخواست رد ڪندي کيس ذاتي حيثيت ۾ 26 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي تي الزامن بابت الڪيشن ڪميشن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اعظم سواتي جو جونيئر وڪيل تنوير اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته وڪيل چوڌري فيصل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني چيو ته توهان سينيئر وڪيل کان ڪيس تي بريفنگ ورتي آهي، وڪالت نامو ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، جنهن تي وڪيل چيو ته ان لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي کي 26 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
114