101

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا مختلف شهرن ۾ ڌرڻا، لاهور ۾ ڇڪتاڻ، اڄ اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا مختلف شهرن ۾ ڌرڻا، لاهور ۾ ڇڪتاڻ، ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ، اڄ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا جاري آهن، جڏهن ته لاهور جي چوڪ يتيم خانه ويجهو ڌرڻو جاري آهي، امڪاني خراب صورتحال سبب هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي الرٽ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن پوليس جي وڏي نفري موجود آهي، جڏهن ته انٽر نيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي، واٽر ڪينن گاڏيون، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ ٻيو سامان پهچايو ويو آهي، جڏهن ته اسپيشل ڪماونڊوز پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف مختلف هنڌن کي ڪنڊيدار تارون هڻي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن به وقت وڏو آپريشن ڪرڻ جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ويون آهن، هوڏانهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن جماعت جي مرڪزي شوره اڄ جمعي نماز کانپوءِ لاهور کان اسلام آباد ڏانهن ”ناموس رسالت مارچ“  جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو