95

ڄام ڪمال خان خلاف بي اعتمادي تحريڪ ۾ ڊرامائي تبديلي، وڌيڪ ٻه ميمبر ناراض ڌڙي ۾ شامل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان خلاف بي اعتمادي تحريڪ ۾ ڊرامائي تبديلي اچي وئي آهي، وڌيڪ ٻه ميمبر ناراض ڌڙي ۾ شامل ٿي ويا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي خلاف بي اعتمادي تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ اپوزيشن رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏي آهي، حڪمران جماعت بلوچستان عوامي پارٽي جا وڌيڪ 2 ميمبر اپوزيشن وارن سان گڏجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آهي، هوڏانهن بلوچستان عوامي پارٽي جي قائم مقام صدر ظهور بليدي چيو آهي ته حڪومت اسان جا 4 ميمبر گم ڪرايا آهن، اسيمبلي جي 65 مان 34 اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر جي رهائشگاهه تي پناهه ورتي آهي، ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي ڄام ڪمال خان   چيو آهي ته اسان ڪنهن کي به گم ناهي ڪيو، ڏيڍ مهيني کان سوشل ميڊيا تي هڪ گروپ پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو