118

ايف اي ٽي ايف جو فيصلو اڄ متوقع، پاڪستان ان فيصلي مان پراميد نظر اچي رهيو آهي

پيرس (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ واري عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس”ايف اي ٽي ايف“ جو فيصلو اڄ متوقع آهي، پاڪستان ان فيصلي مان پراميد نظر اچي رهيو آهي، پيرس ۾ 3 ڏينهن وارو اجلاس جاري آهي، پاڪستان بابت فيصلو اڄ ڪيو ويندو، پاڪستان ٽيرر فنانسنگ خلاف قدمن سميت ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، هوڏانهن ذريعن موجب هن وقت 27 مان ايڪشن پلان جي 26 نقطن تي عمل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو