ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ پٺتي پيل علائقن جي اميدوارن کي مارڪن ۾ رعايت ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ پٺتي پيل علائقن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي جي 13 ضلعن خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڄامشورو، ٺٽو ۽ سجاول جي مختلف تعلقن جي مختلف يوسيز کي پٺتي پيل علائقي قرار ڏنو ويو آهي، خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي جون مختلف يوسيز، سکر ضلعي جي صالح پٽ ۽ پنو عاقل، گهوٽڪي ضلعي جي خانڳڙهه ۽ ڏهرڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي تنگواڻي تعلقي، جيڪب آٻاد ڳڙهي خيرو ٺل، قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان، وارهه ۽ قمبر، دادو جي ميهڙ، جامشورو جي سيوهڻ ۽ ٿاڻو بولا خان، ٿرپارڪر جي ڇاڇرو، ڏاهلي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ڪلوئي، مٺي ۽ نگرپارڪر، عمرڪوٽ ضلعي جي عمرڪوٽ تعلقي، سانگهڙ جي کپرو، ٺٽي جي گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، ميرپور ساڪرو، سجاول جي کارو ڇاڻ، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن جي مختلف يوسيز کي پٺتي پيل علائقو قرار ڏنو ويو آهي، ياد رهي ته استادن جي ڀرتي لاءِ حڪومت طرفان پٺتي پيل علائقين جي اميدوارن کي مارڪن ۾ رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
155