122

اي اين ايف پاران 36 ڪارروائين دوران 1102.149 ڪلو منشيات هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪو ٽڪس فورس پاڪستان سڄي ملڪ ۾ 36 ملڪگير ڪارروائين دوران 1102.149 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي، ترجمان موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائين دوران منشيات هٿ ڪئي وئي آهي، منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث 2 عورتن سميت 41 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جن جي قبضي مان 10 گاڏيون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن، هٿ آيل منشيات جي عالمي ماليت 89.780 ملين ڊالر ٺهي ٿي، ترجمان موجب هٿ آيل منشيات ۾ 92.372 ڪلو گرام هيروئن 859.04 ڪلو گرام چرس،  118.2 ڪلو گرام آفيم ۽ ٻي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو