ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي کاتي جي آفيسرن کي ترقين سميت ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پبلڪ ريليشن آفيسر حڪومت جي اک ۽ ڪن جي حيثيت رکن ٿا، ان ڪري هو فرض ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ اطلاعات کاتي جي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيل پبلڪ ريليشن آفيسرن جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سليم خان پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ پبلڪ ريليشن آفيسرن جي پيشيوارانه ذميوارين جي بابت هڪ، هڪ ڪري رپورٽ ورتي وئي جڏهن ته آفيسرن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ميڊيا جي ذريعي سنڌ ڪابينا جي سمورن وزيرن ۽ کاتن جي ڪارڪردگي عوام ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي چيو ته مان پاڻ هر کاتي جي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندس ته جيئن عوام جي ڀلائي جي منصوبن جي وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آفيسرن جي پيشيوارانه صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ٽريننگ ۽ مختلف ريفريشر ڪورسز ڪرايا وڃن. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري هدايت ڏني ته سمورا پي آر اوز پنهنجي 15 ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن کي پيش ڪن هن سمورن آفيسرن کي خبردار ڪيو ته فرض جي انجام ڏيڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن آفيسرن کي يقين ڏياريو ته ان جي کاتي ۾ ترقين سميت ٻين مسئلن کي حل ڪيو ويندو منهنجي آفيس جا دروازا توهان لاءِ کليل آهن. اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فيصل ظفر فاروقي، فدا حسين بالادي، ماجد خان، عمران ذوالنون، معين الدين ، سيد سعد علي، شڪيل ڊوگر، شبير بابر، عاطف وگهيو، فرحت امتياز جانوري، جعفر پنهور، سهيل جوکيو، عبدالشڪور ۽ ٻِيا آفيسر پڻ موجود هئا.
95