ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻن سالن جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل ۽ موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن ۽ ٽيڪسز ۾ وڏي انگ ۾ ڇوٽ ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل ۽ موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن اسلام آباد جي برابر آڻڻ جون تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن. تجويزن جي منظوري مائنز اينڊ منرل ڊيولپمنٽ وارو صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ وهيڪل جي رجسٽريشن بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن وارو صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ٻيلن وارو صوبائي وزير نوابزاده تيمور ٽالپور، ناڻي کاتي جا آفيسر ۽ سيڪريٽري جي اي شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۽ اسلام آباد جي اليڪٽريڪل وهيڪل رجسٽريشن جي فيس ۾ 8 لک روپين جو فرق آهي. پنجاب ۽ سنڌ جو فارمولو هڪ ئي آهي. پر پنجاب اسلام آباد جي برابر فيس ۽ ٽيڪسز جي سمري منظور ڪري ورتي آهي اسلام آباد ۾ گذريل ٻن سالن ۾ 4 هزار اليڪٽرڪ وهيڪل رجسٽرڊ ٿيون آهن ۽ ان ۾ گھڻو ڪري سنڌ جي ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي آهي. پنجاب ۾ هڪ سال ۾ 400 اليڪٽرڪ وهيڪل رجسٽرڊ ٿيون آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ٻن مهينن ۾ صرف 4 گاڏيون رجسٽرڊ ٿيون آهن ڪميٽي سنڌ اليڪٽرڪل ۽ موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن اسلام آباد جي برابر آڻڻ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري سان سنڌ ۾ اليڪٽرڪل وهيڪل جي رجسٽريشن هڪ لک کان وٺي هڪ لک ويھ هزار تائين ٿي ويندي. اجلاس ۾ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل تي وڌ ۾ وڌ ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي. 2000 سي سي گاڏين تي 5 هزار لگجري ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري، جڏهن ته سالياني رنيوئل تي 500 روپيا فيس وصول ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي اجلاس سان خطاب ڪندي صوبائي وزير مائنس اينڊ منرلز مير شبير علي بجاراڻي چيو ته تيل جي اگھن ۾ واڌاري ۽ گدلاڻ کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل سيڪٽر کي فروغ ڏيڻ جي حق ۾ آهي. سنڌ ۾ اسلام آباد جي مقابلي ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل تي وڌيڪ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن فيس آهي. جنهن جيڪري سنڌ جا ماڻهون پنهنجي گاڏي اسلام آباد ۾ رجسٽري ڪرائي رهيا آهن. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته وفاق جي ٽيڪسز تي ڇوٽ نٿا ڏئي سگھون، باقي صوبائي ٽيڪس ۽ رجسٽريشن فيس ختم ڪري سگھجي ٿي. ڪميٽي کي هدايت ڏني وئي آهي ته منظور ٿيل سفارشن کي آخري شڪل ڏئي وزير اعليٰ سنڌ جي منظوري لاءِ سمري تيار ڪئي وڃي. وزير اعليٰ سنڌ جي منظوري بعد سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ سفارشن کي آخري منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
140