126

شهيد ڀٽو جا تحفا ڊاڪٽر عبدالقدير ۽ ايٽمي پاڪستان

ليکڪ: منظور حسين لاڙڪ

1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان وٺي هندستان هن وقت تائين اسان جي ملڪ کي علائقائي، سفارتي ۽ عالمي سازشن تحت ڪمزور ڪرڻ جا هر قسم جا حربا هلايا آهن پر ناڪامي دشمن جي نصيب ۾ رهي آهي. جنگ هجي يا امن انڊيا هميشه پاڪستان سان ٻه اکيائي وارو رويو اختيار ڪيو آهي ۽ انهيءَ سوچ ۾ رهيو آھي ته هُو پنهنجي سموري توانائي لڳائي پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي طور پنهنجي اثر هيٺ رکي، 18  مئي 1974ع  تي انڊيا ايٽمي ڌماڪو ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هُو ايٽمي طاقت بڻجي ويو آهي ۽ پاڪستان جي فوجي ۽ سول ادارن کي ڌمڪي ڏني ته پاڪستان صرف هڪ ايٽمي ڌماڪي جو کاڄ آهي، ان ڳالهھ يا سوال جو جواب ته مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان کان ڪجي ها جيڪو نه ٿي سگهيو ته آخر ڇا سبب هو ۽ اها ڪهڙي محب وطني ۽ ڌرتيءَ سان پيار هو جو ان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خط لکيو ته جيڪڏهن اسان ڀارت جي مقابلي ۾ ڪجهھ نه ڪيو ته پاڪستان جي سلامتي ايندڙ ڏهن سالن ۾ خطري ۾ پئجي ويندي. مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان هڪ انٽرويو ۾ اها ڳالهھ واضح ڪئي ته هڪ شخص هو جيڪو ڀارت جي ايٽمي ڌماڪي کان اڳ ۽ ڌماڪي کانپوءِ دنيا کي احساس ڏياري رهيو هو ته ڀارت ايٽم بم ٺاهي رهيو آهي ۽ اهو شخص هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پر دنيا ڪن لاٽار ڪندي رهي، مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي سلامتي ۽ ڀارت پاران ڪيل ايٽمي ڌماڪي تي فڪر مند هو ۽ هُن مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڪيئن راضي ڪيو ته هو هالينڊ واپس نه وڃي ۽ پاڪستان ۾ رهي پوي، ڊاڪٽر قدير خان چوي ٿو ته ” ڊسمبر 1975ع جي آخري ڏينهن جي ڳالهھ آھي جڏھن ڊاڪٽر قدير خان پنهنجي گهرواري ۽ ٻن ڌيئرن کي وٺي هالينڊ کان پاڪستان پهتو، ڀارت طرفان ايٽمي ڌماڪي ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر قدير خان جڏهن شهيد ڀٽو ڏانهن خط لکيو جنهن ۾ ڊاڪٽر خان پنهنجي طرفان ملڪي سرحدن ۽ سلامتيءَ جي خطرن کان آگاھه ڪري، ڳڻتي ظاهر ڪئي ته شهيد ڀٽو نه صرف ڊاڪٽر قدير خان جي موڪليل خط جو جواب ڏنو پر بقول ڊاڪٽر خان جي ته هُن کي جلدي پاڪستان اچڻ لاءِ چيو هو“ بهرحال ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي پاڪستان اچڻ جي ٽن ڏينهن ۾ ئي شهيد ڀٽو سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي درخواست ڪئي ته هُو واپس هالينڊ نه وڃي ۽ هُن پاڻ ئي چيو هو ته ملڪ جون حالتون خراب آهن ۽ ملڪ کي اوهان جي ضرورت آهي، ڀٽو شهيد جي اهڙي درخواست ڪرڻ تي ڊاڪٽر عبدالقدير خان شهيد ذوالفقار ڀٽو کي چيو ته ٺيڪ آهي پر هُو پنهنجي گهرواري سان مشورو ڪري جيڪا هالينڊ جي شهري آهي ۽ هالينڊ ۾ هُن جا ضعيف والدين آهن جن جي رهڻ ۽ کاڌ خوراڪ جو هُو پاڻ خيال رکندي آهي، ڊاڪٽر خان ٻڌايو ته جڏهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيل درخواست جو ذڪر هُن پنهنجي هالينڊ ڄائي گهرواري سان ڪيو ته هوءَ حيران ٿي وئي ۽ هن پنهنجي مڙس يعني ڊاڪٽر خان کي چيو ته اها ڪهڙي ڳالهھ آھي، هُو ته پاڪستان هُن کي موڪلون گذارڻ لاءِ وٺي آيو هو ۽ هاڻي وري هالينڊ ۾ سٺي نوڪري ۽ ٻارن جي تعليم ڇڏي پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هُوءَ واپس هالينڊ وڃي رهي آهي ۽ پوءِ اوچتو هن جو آواز بلند ٿيو ۽ ڊاڪٽر قدير خان جو هٿ پڪڙي چيو ته مونکي فخر آهي ته هن ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي ۽ هميشه ضرورتمندن جي مدد ڪئي آهي ۽ ڊاڪٽر خان جي اکين ۾ اکيون ملائي چيو ته هڪ ڳالهھ ايمانداري سان ٻڌاءِ ته ڇا تون جيڪڏهن ھتي رهي پوندي ته پوءِ پاڪستان لاءِ ڪجهھ ڪري سگهندين؟ جنهن تي ڊاڪٽر قدير خان پنهنجي گهرواري کي جواب ڏنو ته مان ايمانداري سان چئي رهيو آهيان ته مون کانسواءِ اهو ڪم پاڪستان لاءِ ڪير به نه ڪري سگهندو ۽ پوءِ هن جي گهرواري هن کي چيو ته ”ٺيڪ آهي پوءِ اسان واپس نٿا هلون“ ڊاڪٽر خان پنهنجي گهرواري جي رضامندي جڏهن شهيد ڀٽو کي ٻڌائي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو فورن هڪ گڏجاڻي رکي ۽ ڊاڪٽر خان کي چيو ته ٻڌايو ڇا کپي؟ ڊاڪٽر خان چيو ته فوج جي انجنيئرنگ ڪور جي هڪ ٽيم، جنرل ضياءَ الحق ان وقت آرمي چيف هو، جنهن ڏانهن ڏسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اهو ڪم هي ڪري ڇڏيندو. وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته مان بورڊ کي پنهنجا اختيار ڏيان ٿو ۽ اهو مختصر بورڊ هو، جنهن ۾ اَي-جي-اين قاضي خزاني وارو سيڪريٽري، آغا شاهي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ غلام اسحاق خان دفاع وارو سيڪريٽري هئا، جن لاءِ ڊاڪٽر خان چوي ٿو ته انتهائي محب وطن پاڪستاني هئا.31 جولاءِ 1976ع تي شهيد ڀٽو يورينيم جي افزائش لاءِ باضابطا منظوري ڏني ۽ بقول ڊاڪٽر خان جي ته سال 1984ع ۾ ئي پاڪستان ايٽمي صلاحيت حاصل ڪري چڪو هو جنهن جو ذڪر هن تحريري طور جنرل ضياءُ الحق سان پڻ ڪيو هو، 1984ع  ۾ ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ باوجود ان جو ظاهري طرح سان مظاهرو 28 مئي 1998ع يعني 14 سال پوءِ ڇو ڪيو ويو ان جو خاص سبب ڪو به ٿي سگهي ٿو، پر مان پنهنجي پڙهندڙ دوستن سان 2001 ع ۾ پاڪستاني صحافي مقبول ارشد جي اردو ڪتاب ”خفيه رپورٽين“ جي هڪ مضمون جو خلاصو ڏئي رهيو آهيان ۽ فيصلو به پڙهندڙ باشعور دوستن تي ڇڏي رهيو آهيان. مقبول ارشد لکي ٿو ته  ”پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا، اسرائيل ۽ ڀارت سان گڏ ڪجهھ يورپي ملڪ ڪوشش ڪري رهيا هئا. انهن ملڪن ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا پر ڇاڪاڻ ته ايٽمي ڄاڻ محفوظ هٿن ۾ هئي ۽ اهي سڀ ناڪام رهيا، 11 مئي 1998ع  تي جڏهن ڀارت ٻيو دفعو ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته پاڪستان جي قيادت اهو فيصلو ڪيو ته هي بهترين موقعو آهي ته پاڪستان به ايٽمي ڌماڪو ڪري نه رڳو علائقي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکي پر ساڳئي وقت دنيا ۾ پهرين اسلامي طاقت ٿي اڀري اچي، ان وقت آمريڪا سميت عالمي دنيا پاڪستان کي ڌماڪو نه ڪرڻ جي صورت ۾ تمام گهڻيون لالچون، رعايتون ڏنيون ته ٻئي طرف ڌماڪو ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين پابنديون لڳائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پر ملڪ جو ان قت 14 ڪروڙ عوام ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ لاءِ هڪ زبان ٿي ويو، نيٺ پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪري ڇڏيا، تاريخ ۾ اهو سچ ضرور لکيو ويندو ته ايٽمي ڌماڪي ڪرڻ کان 23 سال پھريون پاڪستان جي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ذهني صلاحيت، دورانديش واري سوچ کي نظر ۾ رکي ڪهڙي طرح ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ ان جي فيملي کي پاڪستان ۾ رهڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ ڊاڪٽر خان کي ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ ”فري هينڊ“ ڏنو، ڊاڪٽر خان جي ڏنل انٽرويوز ۽ تاريخي حقيقتن مان اهو به واضح آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي صلاحيتن جي ڪري اسان جو ملڪ ان وقت ايٽمي صلاحيت بڻجي چڪو هو جنهن وقت نواز شريف اڃا سياست جي دنيا ۾ پير به نه پاتو هو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو 1984ع ۾ ضياءُ الحق کي لکيل خط ته پاڪستان ايٽمي صلاحيت حاصل ڪري چڪو آهي هڪ وڏو دليل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو