123

پاڪستاني معيشت بابت آءِ ايم ايف جا اندازا ۽ اصل حقيقتون…!!

ليکڪ: تنوير ملڪ

عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل اڪنامڪ آئوٽ لڪ ۾ موجوده مالي سال ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي شرح گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي پر آءِ ايم ايف طرفان ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف موجوده مالي سال ۾ ملڪي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي، عالمي مالياتي اداري طرفان پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترين ئي معيشتن بابت اڳڪٿي ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن پاڪستان آءِ ايم ايف سان پنهنجي معطل پروگرام جي بحالي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن ان تحت ملڪ کي هڪ ارب ڊالر قرض جي قسط جاري  ٿي سگهي، جيڪا آءِ ايم ايف جي پاڪستان لاءِ ايڪسٽينڊڊ فنانسنگ فيسلٽي پروگرام تحت ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ جاري ٿيندي، پاڪستان جي معاشي اشارن بابت آءِ ايم ايف جي اڳڪٿي بهتري طرف اشارو ڪري ٿي، جنهن ۾ هلندڙ سال بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ٿيڻ جي اڳڪٿي به شامل آهي پر آءِ ايم ايف طرفان بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي سان پاڪستان جا ڪجهه معاشي ماهر اتفاق نٿا ڪن ۽ انهن مهانگائي اڃا به وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، ٻئي طرف خزاني واري وزير شوڪت ترين جي ترجمان به هلندڙ سال روزگار جا موقعا وڌڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن ۾ هن خاص ڪري تعميراتي شعبي جو ذڪر ڪيو آهي، موجوده مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت ملڪي ترقي ۾ واڌ جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو هو جيڪو آءِ ايم ايف طرفان 4 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي، پر آءِ ايم ايف طرفان ڪرنٽ اڪائونٽ يا جاري کاتن جو خسارو وڌڻ جي به نويد ڏني آهي، جيڪو هن سال 3.1 سيڪڙو تائين رهڻ جي توقع آهي، جاري کاتن جا خسارا جيڪڏهن ان شرح سان وڌيا ته پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 10ا رب ڊالرن تائين وڌي ويندو، پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ طرفان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2 کان 3 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو ٻڌايو ويو آهي پر آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال مهانگائي گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جيڪا ان مطابق 8.5 سيڪڙو تائين رهندي، پاڪستان ۾ سيپٽمبر جي مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، آءِ ايم ايف ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ گهٽتائي جي به اميد ظاهر ڪئي آهي جيڪا گذريل سال اداري جي ڪاٿي مطابق 5 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 4.8 سيڪڙو رهندي، پاڪستان جي اڳوڻي خزاني واري وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي شرح 11 کان 12 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي،  ڊاڪٽر پاشا چيو ته جيڪڏهن حڪومت چوي ٿي ته بيروزگاري جي شرح 5 کان 6 سيڪڙو آهي پر غير جانبداراڻي ڪاٿي مطابق اها شرح 12 کان 13 سيڪڙو آهي، هن ناڻي جي شرح ۾ واڌ به 3 کان ساڍي 3 سيڪڙو تائين وڌڻ جي اميد جي دعويٰ ڪئي، ڊاڪٽر پاشا مطابق آءِ ايم ايف جي اڳڪٿي ۾ ڪيترائي نقص آهن، جنهن جي ڪري صحيح ڊيٽا بدران اندازن تي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته گئس، بجلي ۽ جنسن جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ واري رجحان کي ڏسي نٿو لڳي ته آءِ ايم ايف جو مهانگائي گهٽ ٿيڻ وارو اندازو صحيح هوندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح جاچڻ جو ڪو اهڙو طريقيڪار موجود ناهي، جنهن جي بنياد تي ڪو ڪاٿو ڏئي سگهجي، معاشي ماهر ۽ اڳوڻي خزاني واري صلاحڪار ڊاڪٽر اشفاق حسن به آءِ ايم ايف جي اندازن سان اتفاق ناهي ڪيو، هن چيو ته موجوده مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح 10 سيڪڙو کان مٿي رهندي،هن چيو ته پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح جانچڻ جو ڪو به پيمانو موجود نه آهي، ڊاڪٽر فرخ سليم چيو ته مهانگائي ختم ٿيڻ واري ناهي پر اڃا ته ان ۾ واڌ جي شروعات ٿي آهي، هن چيو ته 4 شين جون قيمتون کڻي ڏسو ته خبر پئجي ويندي ته مهانگائي ڪيتري وڌندي، هن چيو ته پام آئل جي قيمت 600 ڊالر کان 1000 ڊالر تائين هلي وئي آهي، ايل اين جي جو اگهه 10 ڊالر کان 50 ڊالر، خام تيل جي قيمت 37 ڊالر کان 84 ڊالر في بيرل تائين هلي وئي، ڪوئلي جي قيمت 60 ڊالر کان 250 ڊالر في ٽن تي پهچي چڪي آهي ۽ انهن اگهن ۾ واڌ اڃا به جاري آهي، خزاني واري صلاحڪار شوڪت ترين جي ترجمان مزمل اسلم رابطو ڪرڻ تي چيو ته آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي معاشي اشارن بابت اڳڪٿي اڃا به پاڪستان جي موجوده سال جي هدف کان گهٽ آهي، جيڪڏهن جي ڊي پي گروٿ ڏٺي وڃي ته حڪومت هلندڙ سال جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو آهي پر آءِ ايم ايف 4 سيڪڙو جي اميد ظاهر ڪئي آهي، هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جيڪڏهن وڌي ٿو ته ان جو سبب عالمي منڊي ۾ وڌندڙ قيمتون آهن، ڇو ته پاڪستان ۾ معاشي سرگرمين ۾ ٿيندڙ واڌ جي ڪري خام مال ۽ مشينري ٻاهران گهرائڻي پوي ٿي، مزمل اسلم چيو ته بيروزگاري جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڳالهه آءِ ايم ايف ان بنياد تي چئي آهي ته پاڪستان ۾ معاشي سرگرميون وڌڻ جي ڪري روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن، هن مطابق هن وقت ليبر مارڪيٽ ۽ تعميراتي شعبي جون حالتون انتهائي سٺيون آهن ۽ ڪارخانن ۽ تعميراتي شعبي ۾ انتهائي گهڻا روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. مزمل اسلم چيو ته مهانگائي جي شرح بابت آءِ ايم ايف جو انداز حڪومت جي اندازي ملندڙ جلندڙ آهي، آءِ ايم ايف طرفان موجوده مالي سال ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري گهٽجڻ جي اڳڪٿي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر پاشا چيو ته آءِ ايم ايف ان جي ذريعي ان ڳالهه ڪرڻ کي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو ته سندس پروگرام مان پاڪستان کي نقصان نه پر فائدو ٿيو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته آءِ ايم ايف جو اندازو سياسي بنيادن تي هوندو آهي، جنهن ۾ پردي پويان ان جا پنهنجا مقصد هوندا آهن، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام سدائين سياسي بنيادن تي هوندو آهي، ان ۾ معاشي رخن کي ناهي ڏٺو ويندو، هن چيو ته پنهنجي مقصدن لاءِ آءِ ايم ايف ڪنهن ملڪ جي معاشي اشارن کي مثبت انداز ۾ پيش ڪري ٿو ته جيئن اهو ظاهر ڪري سگهجي ته آءِ ايم ايف جا پروگرام نقصانڪار نه آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري پاڪستان کي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پئي، اهي پاڪستان جي خراب معاشي صورتحال مان واضح آهي آءِ ايم ايف جي شرطن تحت رپئي جو اگهه ڪيرايو ويو، جنهن جي ڪري صرف مئي مهيني کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جا قرض 11 ارب ڊالر وڌي چڪا آهن. مزمل اسلم چيو ته جيڪي معاشي ماهر چون ٿا ته آءِ ايم ايف جي پروگرام سياسي بنيادن تي هوندو آهي ان ۾ ڪا به حقيقت ناهي، جي ڊي پي وڌڻ وارو اندازو پاڪستان جي 4.8 سيڪڙو جي  هدف کان گهٽ آهي، اهڙي طرح بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڳالهه معاشي سرگرميون وڌڻ جن ۾ زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ تعميراتي شعبي ۾ سرگرمين واري بنياد تي آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي جي 2 سيڪڙو وڌڻ جي اميد ظاهر ڪئي هئي پر پاڪستان جي جي ڊي پي جي گروٿ 3.9 سيڪڙو رهي، هن چيو ته مهانگائي ۾ عالمي عمل به شامل آهن ۽ دنيا ۾ هن وقت جيڪا غير يقيني واري صورتحال آهي ان تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ڊاڪٽر حفيظ پاشا مطابق آءِ ايم ايف وٽ پاڪستان جي معيشت بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي، ان ڪري معيشت بابت ان جا ڪاٿا ۽ اندازا خامين سان ڀرپور هوندا آهن، ڊاڪٽر اشفاق حسن به ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته جڏهن خزاني واري وزارت ۾ هو ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون هيون اهي جي ڊي پي ۽ روينيو جو جيڪو نمبر ڏئي ڇڏيندا هئا، آءِ ايم ايف ان کي قبول ڪري وٺندو هو، ڇو ته ان وٽ پاڪستان جي معيشت جاچڻ لاءِ ٽيڪيني صلاحيت موجود ناهي ۽ اندازن تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿو پر ڊاڪٽر فرخ سليم ان تاثر کي رد ڪيو ته آءِ ايم ايف وٽ معيشت ڄاڻڻ جي ٽيڪنيڪل صلاحيت ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن اداري وٽ ڊيٽا ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيت موجود آهي ته اهو آءِ ايم ايف آهي هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان بابت ڳالهه ڪريون ته جي ڊي پي جي اڳڪٿي ڪرڻي آهي ته اهو ڪهڙو مشڪل ڪم آهي، ڇو ته انڊسٽري ۽ زراعت جي موجود هوندي آهي، رڳو خدمتن جي شعبن تي ٿورو ڪم ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو