ليکڪ: عزيزالله ناريجو
پاڪستان جي عوام کي جيئن ئي خبر پئي ته پيٽرول ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيون آهن ته غريب ته ڇا پر وچين طبقي جي ماڻهن جي به پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ته هيڏي مهانگائي، هونئن ئي سنڌ سميت پاڪستان ۾ مهانگائي خلاف عوام سراپا احتجاج بڻيل هو، هر ڪنڊ ڪڙڇ مان مهانگائي جون دانهون پيون پون ته غريب عوام سان قهر ٿي ويو، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، غريب ماڻهو ڪاڏي ويندو، عوام جي دانهن ڪير ٻڌندو؟ غريب عوام جو الله ۾ آسرو ۽ ٻيو سندس ڪو به سارسنڀال وارو ڪونه آهي، غريب نه ڄمي نه وري مري، جي غريب ڄمندا آهن ته ويچارن کي جسم ڍڪڻ لاءِ ئي ڪجهه نه هوندو آهي عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي ته پنهنجو جسم ڪٿان ڍڪيندو، روز ڏهاڙي ڪمائڻ وارا ڪٿان ٿا سڀ ڪجهه خريد ڪري سگهن، ايتري مهانگائي عوام کي چيڀاٽي رهي آهي جو هو ساهه به لڪي ٿا کڻن ته اهي کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ جون شيون ڪٿان خريد ڪندا؟ ڏهاڙي جي مزدوري جي پيسن مان هڪ شيءِ خريد ڪندا ته ٻي شيءِ رهجي ويندي، جيڪڏهن گيهه ۽ لوڻ مرچ خريد ڪندا ته ٻچن جي لاءِ کنڊ وغيره ڪٿان خريد ڪندا؟ ائين ئي ماڻهو بکون ڪاٽي هميشه جي لاءِ هن جهان کان موڪلاڻي ڪري وڃن ٿا، ڄڻ هن جهان ۾ آيا ئي ڪونه هئا، ڳالهه پئي ڪيم جسم جي انگ ڍڪڻ جي ته پنهنجو جسم زندهه هوندي به مهانگائي سبب نٿا ڍڪي سگهن ته اهي مردي کي ڪفن ڪٿان ڏيندا؟ امير ماڻهو ته پنهنجي زندگي عشرت واري گذارين ٿا ۽ زندگي جي هر سهولت حاصل ڪن ٿا پر غريب ماڻهو ڪاڏي وڃن، مٿان وري موجوده وفاقي سرڪار شين تي ٽيڪس رکي ٿي ته وري واپاري ٻيڻ تي شين جا اگهه وڌائي ڇڏين ٿا، ۽ ٻنهي هٿن سان غريب ۽ مسڪين عوام کي ڦرڻ ۾ مصروف آهن، هنن منافعي خورن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ائين کڻي چئجي ته اسان وٽ هتي هاڻ انڌير نگري چرٻٽ راڄ وارو ڪم آهي، صرف غريب عوام پيو ڪڻڪ جيان پيسجي، غربت جي انهن کي خبر پوندي جيڪو ان دور مان گذريو هجي، باقي اي سي ۾ رهندڙ ڪامورن کي ڪهڙي خبر ته غربت ڇا آهي؟ ماڻهو ته صرف ان ڊپ ۾ ٿا رهن ته حڪومت وري ڪڏهن ٿي شين تي ٽيڪس وڌائي ۽ پوءِ عوام مجبور ٿي اوکا قدم کڻي ٿو ته پوءِ غريب مهانگائي سبب پنهنجو پاڻ سميت سڄي خاندان کي وٺي آپگهات ڪن ٿا ۽ هميشه جي لاءِ زندگي جو ڏيئو اجهائي هليا وڃن ٿا ڇو ته اسان وٽ خصوصن حڪومت اندر قائم اهڙا ڪامورا موجود آهن جيڪي شهر ۽ مارڪيٽن جا دورا ڪرڻ بدران آفيسن جي ايئر ڪنڊيشن رومن کي ڇڏڻ به گوارا ناهن سمجهندا ته اهي قوم لاءِ ڪهڙو سوچيندا؟ پاڪستان جي عوام کان اهي لفظ ناهن وسري سگهيا ته جيڪي موجوده وزيراعظم صاحب قول ڪيا هئا، جيڪي اوهان حڪومت ڪرڻ کان اڳ لفظ چيا هئا ته جيڪڏهن ڪا به حڪومت مهانگائي پيدا ڪري ته سمجهي وڃو ته اها حڪومت ڪرپٽ ۽ چور آهي، اڄ اهي اوهان جا لفظ گونجن پيا ۽ اهي جملا سچ ثابت ٿين ٿا ته اوهان مهانگائي ڪري پنهنجي ڪرپٽ يا چور هجڻ جي نشاني ظاهر ڪئي آهي ۽ مهانگائي سبب ڪيترن ئي مسڪينن جا جنازه نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، اهڙي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ ان تي ضابطو آڻي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي رليف ڏيو ۽ حڪومت ڪرڻ کان پهريان ته اهڙا خواب ڏيکاريا ويا ته ۽ مديني جي رياست بڻائڻ جا وچن ڪيا ويا، پر اڄ اهي اوهان جا لفظ ڪوڙا ثابت ٿين پيا، خدارا غريبن ۽ مسڪينن جي حال تي رحم ڪري مهانگائي کي گهٽائي پاڪستان کي مديني جي رياست بڻايو جئين اوهان جا چيل لفظ سچا ثابت ٿين ۽ عوام به خوش ٿي ڪري ٻيهر به اوهان جهڙا حڪمران چونڊڻ جي حامي ڀري.